ٺٽو: ڪوھستان واسين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ خلاف انور جاکرو جو آواز، سولر پليٽن جي غير منصفاڻي ورهاست تي پڻ احتجاج

Spread the love

ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڪوھستاني محمد انور جاکرو چيو تہ ڪوھستان واسين کي ھميشہ بنيادي سھوليتن ۾ نظر ڪيو ويو اھي، کين ڪابہ بنيادي سھوليت نٿي ڏني وڃي، پر ھن واري يوسي ڄنگھڙي ۾ ڪوھستان واسي غريب ماڻھن لاء سولر پليٽون آيو اھن،

 جيڪي بہ غريب حقيقي ماڻھن کي ملڻ بجاء رڳو من پسند ماڻھن کي ڏنيون پيون وڃن، جيڪا مقامي ماڻھن سان وڏي زيادتي اھي، ھن چيو تہ يوسي ڄنگھڙي جي وڏي بجيٽ ھوندي بہ اھا ڪٿي خرچ ٿئي ٿي ان جي ڪابہ خبر ناھي نہ ئي ڪوھستان واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي جھڙي ڪا سھوليت ميسر ٿي ٿئي ۽ نہ ئي ڪوھستاني ڳوٺ پڪا ٿي سگھيا اھن،

ڪوھستاني انور جاکرو ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ڪوھستان واسين کي بنيادي سھولتون مھيا ڪري ايل سولر پليٽون حقيقي ماڻھن کي ڏيئي ايندڙ ماھوار بجيٽ جي جانچ ڪرائي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سميت ڪوھستاني پٽي ۾ ڦھلجندڙ مليريا، گيسٽرو، خارش ۽ ٻين بيمارين جي علاج لاء ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي بيمار ماڻھن جو علاج ڪرائي کين وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو