سکر: بلاول ڀٽو جي ويزن تحت زيرڪ خورشيد شاهه پاران ٻوڏ متاثر خاندانن کي نوان گهر فراهم، مالڪي اسناد ورهائڻ جي تقريب
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوام دوست ويزن ۽ خاص هدايتن تي عمل ڪندي پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد زيرڪ خورشيد شاهه پاران صالح پٽ ۾ برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل خاندانن کي مستقل رهائش لاءِ گهر فراهم ڪيا ويا۔ان سلسلي ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر 20 مستحق خاندانن کي نون تعمير ٿيل گهرن جون مالڪي اسناد ورهائيون ويون۔
هيءُ قدم پيپلز پارٽي جي عوامي خدمت ۽ فلاحي پاليسين جو عملي ثبوت آهي، جنهن تحت متاثر ٿيل ماڻهن کي نه فقط رهائش ملي آهي، پر کين باعزت زندگي گذارڻ جو نئون موقعو به مليو آهي۔تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر ايم بي ڏهرائجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد ماڪو ۽ فلاحي اداري هينڊز اين جي او جي آفيسر زاهد حسين خاصخيلي سميت ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن هن قدم جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي ڏکن ۾ عملي ساٿ ڏنو آهي،
۽ اڄ جو هي عمل به انهي تسلسل جو حصو آهي۔ان موقعي تي سيد زيرڪ خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي ۽ خدمت اسان جو مشن آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت اسان هر سطح تي عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ هي سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو ۔متاثر ٿيل خاندانن گهرن جي فراهمي تي پيپلز پارٽي ۽ ضلعي انتظاميه جا ٿورا مڃيندي چيو ته کين هڪ نئين زندگي جي شروعات جو موقعو مليو آهي۔
جُولاءِ 27, 2025