نيوزيلينڊ سخت مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي 3 رنسن تان هارائي ٽه ملڪي سيريز کٽي ورتي

Spread the love

هراري (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي بعد 3 رنسن تان شڪست ڏئي ٽه ملڪي سيريز کٽي ورتي.
هراري ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون.
اوپنر ٽِم سيفرٽ 30، ڊيون ڪانوي ۽ راچن رويندرا 47-47 رنسن جي اننگز کيڏي.
مائيڪل بريسويل 15 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڊيرل مچل 16 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.

ڏکڻ آفريڪا جي لونگي نگيڊي 2، نندي بريگر، ڪينوا مفاڪا ۽ سينيورن مٿُوسومي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 177 رنسون ٺاهي سگهي، اوپنر لُهوان ڊري پريٽوريس 51 ۽ ريزا هينڊريڪس 37 رنسن سان نمايان رهيا.
ڪپتان وين ڊر ڊوسن 18، روبين هيرمن 11 ۽ ڊيولڊ برويس 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري 2 وڪيٽون وٺي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته جيڪب ڊُفي، زاڪري فولڪس، ايڊم ملني ۽ مائيڪل بريسويل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ميٽ هينري کي شاندار ڪارڪردگي تي ميچ ۽ سيريز جو بهترين پليئر قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ٽه ملڪي ٽورنامينٽ ۾ ميزبان زمبابوي، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون شامل هيون.

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو