بالي ووڊ فلم ۾ بينظير ڀٽو جي تصوير ۽ پ پ جي جهنڊي جو استعمال

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه جي ايندڙ پاڪستان مخالف فلم ”ڌرندر“ ۾ پاڪستاني پرچم کانپوءِ پ پ جا جهنڊا، بينر ۽ بينظير ڀٽو جي تصوير استعمال ڪرڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي.
”ڌرندر“ جي ڪردارن ۽ ايڪشن منظرن جي جاري ڪيل ٽيزر ۾ پيپلز پارٽي جا بينر، جهنڊا ۽ بينظير ڀٽو جي تصوير کي به ڏيکاريو ويو.
فلم جي جاري ڪيل ٽيزر ۾ مرڪزي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي، جن ۾ رنوير سنگهه، سنجي دت، اڪشي کنا ۽ ارجن رامپال سميت ٻيا شامل آهن.
فلم جي ٽيزر، منظرن ۽ ڪردارن مان خبر پئي ٿي ته ان ۾ پاڪستان مخالف بيانيي ئي پيش ڪيو ويو آهي.
فلم جي جاري ڪيل منظرن جي وڊيو ۾ پاڪستان پوليس جي ڪردارن کي به ڏيکاريو ويو آهي.
ان کان اڳ فلم جي شوٽنگ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ پاڪستاني پرچم کي لهرائيندي ڏٺو ويو هو، جنهن تي ڀارتي واهپيدارن رنوير سنگهه تي تنقيد ڪندي ان جي بائيڪاٽ جو مطالبو به ڪيو هو.