ملير جا ڳوٺ 2025 ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسين جو درد ڀريو آواز

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ڪراچي ٻهراڙين ۾ شامل خيرمحمد خاصخيلي ڳوٺ، محمد رحيم ڳوٺ ، ڪوڏير ڳوٺ  سميت ڪيترائي ڳوٺ اڄ به زندگيءَ جي سمورين بنيادي انساني حقن ۽ سهولتن  صاف پاڻي، بجلي، گئس، تعليم، صحت ۽ رستن کان محروم آهن ڳوٺن جي سماجي اڳواڻن  ممتاز خاصخيلي، ساجد خاصخيلي ۽ رحمت خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو هي سال 2025 هلي رهيو آهي،

 پر اسان اڃا به 1925 ۾ گذاري رهيا آهيون  سندن چوڻ هو ته علائقي ۾ نه ته صاف پاڻي آهي، نه بجلي، نه گئس، ۽ نه ئي ڪا اسپتال يا اسڪول موجود آهي.متاثر علائقن جون  عورتون ڪيترا ئي ميل پنڌ ڪري پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ست ڪروڙ رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل پاڻيءَ جي اسڪيم اڌ ۾ رهيل   آهي. ٻار تعليم کان محروم آهن ۽ بزرگ بيمار ماڻهو بنيادي علاج لاءِ به تڙپندا رهن ٿا.رهواسين پنهنجي درد جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اسان جو ڏوهه صرف اهو آهي ته اسان پٺتي پيل…

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو