نوابشاهه: رڪشا جي بيٽري چوري ٿيڻ بعد احتجاج ڪندڙ نوجوان تي ڪوڙو ڪيس، جيل مان آزاد ٿي مدد جي اپيل
نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) دولت ڪالوني جي رهواسي ساجد ملاح نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ منهنجي رڪشا جي بيٽري چوري ٿي وئي هئي جنهن لاءِ مون ايئرپورٽ ٿاڻي آڏو احتجاجن رڪشا کي ساڙي ڇڏيو هو
جنهن بعد پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري مونکي جيل موڪلي ڇڏيو جتان اڄ آزاد ٿي آيو آهيان ھن چيو ته مان غريب مسڪين ماڻهون آھيان هن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته مان بيروزگار ٿي ويو آهيان منهنجي مدد ڪئي وڃي ۽ مون کي روزگار ڏياري مونسان انصاف ڪيو وڃي
جُولاءِ 26, 2025