راڻيپور: ايم-6 موٽروي لاءِ زمينن جا اگهه گهٽ مقرر ٿيڻ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

Spread the love

راڻيپور( رپورٽ: سعيداحمدسھتو)  ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي وارڊ نمبر ھڪ جي آبادگارن جو  سکر حيدرآباد موٽروي زمين جا اگھ گھٽ مقرر ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي  رپورٽ موجب   ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي وارڊ نمبر ھڪ جي زميدارن آبادگارن جو وفاقي سرڪار پاران تعمير ٿيندڙ ايم 6  موٽروي سکر کان حيدرآباد لاء ايندڙ زمين ۽ ان جو صحيح معاوضو نه ملڻ خلاف

وڏيرو نبي بخش ڪلھوڙو، استاد الطاف واطڻي ۽ فياض عباسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جون زمينون موٽروي ٺاھڻ لاء ڀڳڙن مٺ تي کنيون پيون وڃن ھنن چيو ته راڻيپور ٽائون جي زمين في ايڪڙ ھڪ ڪروڙ کان مٿي ريٽ جي  آھي جڏھن ته ڀرپاسي جي يوسين ۾ زمين جو ريٽ 70 کان 80 لک روپيه  آھي پر وفاقي  حڪومت ناجائزي ڪري رھي آھي . ھنن چيو ته جيڪو ريٽ زمين جو ملي رھيو آھي، ان کي اسان زمين تي قبضو ڪرڻ برابر سمجھو ٿا.

ھنن وڌيڪ چيو ته ريٽ جي مقرر لاء ڊي سي خيرپور وٽ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪنھن به زميندار يا آبادگار کي نه گھرايو ويو نه ئي ڊي سي خيرپور ضلعي اندر زمينن جي ريٽ بابت زميندارن يا آبادگارن جو آواز ٻڌي رھيو آھي.  جيڪي به ملڪ ۾ موٽروي ٺھيا آھن انھن جو ريٽ 40 لک کان مٿي ڏنو ويو آھي  پر سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ تي آبادگارن کان کسي پئي وڃي۽ تپيدار آبادگارن کي آفيسن جا چڪر ڪاٽائي رھيا آھن جتي سوين ماڻھن جون لائينو لڳيون پيو آھن حد جي تپيدارن ۾ ڳوٺن ۾ آبادگارن سان سھولت خاطر تعون ڪرڻ لاء ھڪ سيل  ڳوٺن ۾ قائم ڪئي وڃي جنھن مان زميندار آبادگار با آساني فائدو وٺي سگھن وڌيڪ ھنن  لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته سکر حيدرآباد موٽروي ۾ ايندڙ زمين جو مناسب ريٽ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو