مٺي: صدر آصف علي زرداري جي 70هين سالگرهه ملهائي وئي، سياسي جدوجهد ۽ بصيرت کي ڀيٽا پيش

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) صدر پاڪستان  آصف علي زرداري جي 70 ھين سالگرھ جو ڪيڪ  ملاڻي ھائوس مٺي ۾ ڪاٽيونويو جنهن ۾ ایم این اي ڊاڪٽر مھیش ڪمار ملاڻي. ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي. سينيٽر گيان چند. دادن هنڱورجو. ڪامريڊ نندلال مالهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته    صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت کي مخالف به تسليم ڪن ٿا ۽ هن ڪيترن ئي جابرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 11 سال جيل به ڪاٽي پر ظالمن اڳيان ڪڏھن به جهڪيو ناهي.

هنن چيو ته  صدر زرداري جي ڏاهپ ۽ سياسي بصيرت سبب اڄ به ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي. ان موقعت تي سالگرھ جو ڪیڪ پڻ ڪٽیو ویو. تقریب ۾ پیپلز پارٽي ضلع جنرل سیڪریٽري سشیل ڪمار ملاڻي. ڪملا ڀیل سمترا منجیاڻي الھبخش ھنگورجو فقیر فیصل بلالاڻي عمر لنڊ اشرف درس لیاقت ھنگورجو. سید ڀورل شاھ وریام لنجو امر اوڏاڻي ڪملیش لوھاڻو ونیش ڀڳت ء پارٽي عھدیداران. ڪائونسلرن جیالن ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو