ڇور: ايم اين اي نيلم ڪماري جو ڳوٺ حويلي ٺڪر دورو، فوت ٿي ويل نوجوانن جي وارثن سان تعزيت، اقليتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو اعلان
ڇور ( رپورٽر) نواز ليگ مينارٽي جي ايم اين اي نيلم ڪماري ڇور ويجھو ڳوٺ حويلي ٺڪر پھتي جتي ميگھواڙ برادري جي گھنشام داس جي نوجوان پٽ ۽ پدم مينگھواڙ جو سئوٽ جي وفات ته تعزيت ڪئي ان موقعي ايم اين اي نيلم ڪماري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آئون ھڪ غريب ھاري جي ڌي آھيان نواز ليگ جي مرڪزي قيادت جي ٿورائي آھيان
جن مون کي ايم اين اي جي سيٽ ڏني منھنجو ڪوشش ھوندي برابري جي بنياد تي اقلتين سميت عوام جا بنيادي مسئلا وفاق کان حل ڪرائندوس اقلتين جي حقن لاء ڀرپور آواز بلند ڪندو غريب عوام کي گھرجي پنھنجي ٻارن کي وڌ ۾ وڌ سٺي تعليم ڏيارين نياڻين جي تعليم تي خاص ديان ڏنو وڃي ان موقعي ته ساڻس گڏ وشن داس ڪماليه راجيش ڪمار ڏيچند ھئا
جُولاءِ 26, 2025