عافيا صديقي کي قانوني طريقي ڪار تحت سزا ٿي: اسحاق ڊار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عافيا صديقي کي سزا آمريڪي قانوني طريقي ڪار تحت ٿي.
واشنگٽن ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي جي سزا کي ان ڪري تسليم ڪيو ويو، ڇو ته اها آمريڪي عدالتي نظام تحت ٿي.
اسحاق ڊار اهو تبصرو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سزا بابت سوال تي ڪيو، جنهن ۾ کانئس پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا کي ان معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي؟
اسحاق ڊار جواب ۾ چيو ته عافيا صديقي ڏهاڪن کان آمريڪا ۾ قيد آهي ۽ خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته ڪيستائين هوءَ هتي رهندي، آمريڪي قانوني طريقي ڪار جي نتيجي ۾ کيس سزا ٿي، جيئن پاڪستان آمريڪا جي عدالتي فيصلي جو احترام ڪيو، ائين ئي عالمي برادري کي به پاڪستان جي عدالتي نظام جو احترام ڪرڻ گهرجي.
هن چيو جيڪڏهن توهان مقبول سياسي اڳواڻ آهيو ته ان جو مطلب ناهي توهان هٿيار کڻو ۽ ماڻهن کي ڪنهن ملڪ جي سيڪيورٽي اثاثن تي حملن لاءِ اڪسايو، اها غداري آهي ان کانسواءِ ڪجهه ناهي.