گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف 26 جولاءِ تي عوامي جرڳو، اسٽيل مل ۽ واٽر بورڊ جي بي حسي تي سخت احتجاج
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، اسٽيل مل ۽ واٽر بورڊ جي بي حسي خلاف عوامي جرڳي جو اعلان گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ رهواسين جي زندگين کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واسطيدار ادارا هن سنگين صورتحال تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. اسٽيل مل جو سي اي او پنهنجي ضد تي قائم آهي،
جڏهن ته واٽر بورڊ طرفان به ڪو به سنجيده قدم کڻڻ ۾ دلچسپي ظاهر نه ڪئي ويئي آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي فراهمي جي بندش سبب هزارين ماڻهو روزانو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خاص طور تي عورتون، ٻار ۽ بزرگ پاڻي لاءِ پريشان حال آهن.انهيءَ پسمنظر ۾، 26 جولاءِ، ڇنڇر ڏينهن شام 4 وڳي گلشن حديد جي بلڪ واٽر وٽ هڪ عوامي جرڳو ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ قومي ميڊيا، مقامي صحافين، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ، يوٽيوب ۽ ويب چينلن کي ڪوريج لاءِ دعوت ڏني وئي آهي.
جرڳي جي منتظمين جو چوڻ آهي ته هن گڏجاڻي جو مقصد پاڻي جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ، حل لاءِ تجويزون ڏيڻ ۽ عوامي آواز کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ آهي.علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته واٽر بورڊ ۽ اسٽيل مل جي وچ ۾ تڪرار جو جلد از جلد حل ڪڍي، پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي، ۽ ڪرپشن يا لاپرواهي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي
جُولاءِ 25, 2025