سنڌ پوليس ۾ ڀرتيءَ کان پوءِ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سڪرنڊ ۾ نوجوانن جو احتجاج
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سنڌ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ لکت ۽ زباني سميت فزيڪل ٽيسٽون پاس ڪرڻ باوجود کين آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ضلع شهيد بينظيرآباد جي مختلف شهرن نوابشاھ ، سڪرنڊ ، دوڙ ، ٻانڌي ۽ قاضي احمد جي نوجوانن قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ سڪرنڊ تي منصور ڳاهو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي غلام جيلاني جلباڻي ، صدام برهماڻي ، ياسر زرداري ، شاهد جمالي ،
عارف بروهي ۽ منصور ڳاهو الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ پوليس جي مقرر ڪيل قانون موجب سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪري امتحان پاس ڪيا آهن جڏھن ته سڪرنڊ ڪمانڊو سينٽر ۾ لکت ۽ شهداد پور ٽرينگ سينٽر ۾ فزيڪل ٽيسٽون پاس ڪيون آهن پر افسوس جو اسان کي آفر آرڊر نٿا وڃن هنن وڌيڪ چيو ته 11 سئو اميدوارن مان 219 اميدوارن ٺلهو آسرو ڏنو ويو آهي جڏھن ته صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار جي چواڻي ته 50 هزار سيٽون خالي آهن ان جي باوجود کين آرڊر نٿا وڃن هنن اهو به چيو ته اسين پيپلز پارٽي جا ووٽر آهيون اسان سان ويساھ گهاتي ڪئي پئي وڃي جيڪڏھن آفر آرڊر نه ڏنا ويا ته احتجاج جي دائري کي وڌائينداسين :
جُولاءِ 25, 2025