راڻيپور مان نوجوان دڪاندار جي کنڀجڻ خلاف وارثن جو احتجاج، پوليس کان ظاهر ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

راڻيپور (رپورٽ:سعيداحمدسھتو)  راڻيپور قومي شاهراھ تان کنبي گم ڪيل نوجوان دڪاندار عبدلستار  سولنگي  جي وارثن جو راڻيپور ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو  جنھن جي اڳواڻي رستم علي سولنگي الطاف حسين سولنگي لعل ڏنو سولنگي نديم سولنگي قربان سولنگي ڪري رھيا ھيا

ان موقعي تي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته رات جي پھر ۾ اسان جي نوجوان ڏي  فون آيو ته توھان جي دڪان جا تالا ٽٽل آھن اسان جا نوجوان دڪان تي پھتا تہ پوليس وردي پهريل اهلڪار بنا جواز خبر ناھي تہ ڪٿان جي پوليس بيٺل ھئي نوجوان کي کنبي کڻي وئي  اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون نوجوان کي فارسلنگ جو دڪان آھي پورھيو ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندا آھيون

  اسان  ایس ایس پی  خيرپور کان گھر ڪئي ته اسان جي نوجوان کي ظاھر ڪيو وجي  ڪو  ڏوھ آھي ته ٻڌايو وجي  بنا جواز کڀي کڻي گم ڪيو ويو آھي   ھنن  آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر  کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي اسان جو نوجوان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ بي چيني اسان مان ختم ڪئي وڃي

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو