سانگهڙ ويجهو نجي جيل تي ڇاپو، 11 هاري بازياب، عدالت ۾ پيش
سانگهڙ( ڊ ر ) سانگهڙ ويجهو عدالت جي حڪم تي زميندار گلو منگواڻي جي مبينه نجي جيل تي پوليس جو ڇاپو 11 هاري بازياب، عدالت ۾ پيش، هيرو ڀيل جي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج سانگهڙ غلام مرتضى بلوچ جي حڪم تي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او منگي پاران زميندار گلو منگواڻي جي زرعي زمين تي قائم مبينه نجي جيل تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ 11 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو،
بازياب ڪرايلن ۾ شريمتي مٺي، وِشال، لڇمڻ، جگتي، ناثو، شريمتي آرتي، دایو، شريمتي سپنا، نريش شريمتي پونا ۽ ٻيا شامل آهن، بازياب ڪرايلن جو چوڻ هو ته گذريل پنج سال کان اسان جي فضل جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي ڪيو رڳو کاڌ خوراڪ ڏئي گذارو ڪرائي زبردستي ڪم ڪرائي رهيو هو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سڀني بازياب ماڻهن کي آزاد زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.( ڊ ر ) سانگهڙ ويجهو عدالت جي حڪم تي زميندار گلو منگواڻي جي مبينه نجي جيل تي پوليس جو ڇاپو 11 هاري بازياب، عدالت ۾ پيش، هيرو ڀيل جي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج سانگهڙ غلام مرتضى بلوچ جي حڪم تي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او منگي پاران زميندار گلو منگواڻي جي زرعي زمين تي قائم مبينه نجي جيل تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ 11 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو،
بازياب ڪرايلن ۾ شريمتي مٺي، وِشال، لڇمڻ، جگتي، ناثو، شريمتي آرتي، دایو، شريمتي سپنا، نريش شريمتي پونا ۽ ٻيا شامل آهن، بازياب ڪرايلن جو چوڻ هو ته گذريل پنج سال کان اسان جي فضل جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي ڪيو رڳو کاڌ خوراڪ ڏئي گذارو ڪرائي زبردستي ڪم ڪرائي رهيو هو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سڀني بازياب ماڻهن کي آزاد زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
جُولاءِ 25, 2025