دادو: ايم اين اي سردار رفيق جمالي ۽ ڊي سي مرتضیٰ شاهه پاران NICVD چيسٽ پين يونٽ جي تعمير هيٺ عمارت جو دورو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو: ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، ڊي سي سيد مرتضیٰ شاه  پاران دادو ۾ NICVD جي چيسٽ پين يونٽ جي بلڊنگ جو دورو ايم اين اي دادو ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سردار رفيق احمد جمالي،

صدر پيپلز پارٽي ضلع دادو سيد مرتضیٰ شاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو چيسٽ پين يونٽ (NICVD) جي تعمير هيٺ بلڊنگ جو دورو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته انشاءَ الله تمام جلد دل جي تڪليف وارن مريضن کي پنهنجي ئي شهر ۾ علاج جي جديد سهولت ميسر هوندي، ڍ

جنهن سان هزارين ماڻھن کي ڪراچي يا ٻين شهرن وڃڻ جي تڪليف کان ڇوٽڪارو ملندو دوري دوران سردارزاده جنيد رفيق جمالي، رئيس بابن خان پنهور، رفيق ميراڻي، مرتضیٰ قمبراڻي سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي شهرين طرفان اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته علاج جي اهڙين سهولتن سان دادو واسين جي زندگي ۾ سڪون ايندو.

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو