سکر: سنڌ پوليس SPD-1 جي انتظار ڪندڙ اميدوارن پاران پريس ڪلب آڏو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ)سنڌ پوليس جي SPD-1 ونگ جي انتظار ڪندڙ اميدوارن پاران سکر پريس ڪلب جي سامهون آفر آرڊرن جي جاري نه ٿيڻ ۽ مبينه رشوت طلبي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو۔ مظاهري جي اڳواڻي اميدوار شاهد شاروخ ۽ ابوبڪر ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ڪيترن ئي اميدوارن هٿن ۾ احتجاجي پلي ڪارڊز کنيا هئا، جن تي آفر آرڊر نه ملڻ ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف نعرا لکيل هئا۔

احتجاجي مظاهري دوران اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سال 2024 دوران انهن SPD-1 سنڌ پوليس جو ٽيسٽ ڪاميابي سان پاس ڪيو هو، پر هڪ سال کان وڌيڪ وقت گذري وڃڻ باوجود 800 کان وڌيڪ ڪامياب اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن۔مظاهرين الزام لڳايو ته انهن کان 8 کان 10 لک رپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي، جيڪا سراسر زيادتي ۽ ميرٽ جي کولہ خلاف ورزي آهي۔ اميدوارن چيو ته هو ۽ انهن جا والدين محنت مزدوري سان روزگار هلائين ٿا، ۽ ايتري وڏي رشوت ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن۔

انهن چيو ته جيڪڏهن ڀرتيون ميرٽ تي ٿيڻيون آهن ته پوءِ اهل اميدوارن کي آفر آرڊر کان محروم رکي، ميرٽ جو جنازو ڇو ڪڍيو پيو وڃي۔مظاهرين جو چوڻ هو ته روزانه احتجاج، دير ۽ غير يقيني صورتحال سبب نه صرف اميدوار ذهني اذيت جو شڪار ٿي رهيا آهن، پر سندن والدين به سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن۔اميدوارن پاڪستان جي چيف جسٽس، وزيراعظم،

سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ آءِ جي سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور شفاف انڪوائري ڪرائي ميرٽ کي بحال ڪيو وڃي ۽ سمورن اهل اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن۔آخر ۾ اميدوارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي جلد عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ صوبي ڀر ۾ مظاهرا ڪيا ويندا۔

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو