بلوچستان ڌار ٿيڻ ڏانهن وڌي پيو، برابري بنياد تي ڳالهيون ڪريو:اختر مينگل

ڪوئيٽا(ويب ديڪس)بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته اسان هڪ ڀيانڪ تاريخ مان گذري چڪا آهيون،اسان جو حال به انهي طرح گذري رهيو آهي،اسان کي 1947ع کان وٺي پاڪستان جي آئين،حڪومتن رڳو مارڻ کان علاوه ڪجهه ناهي ڏنو،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته نه مارڻ سان مسئلا حل ٿيندا نه ئي جيڪي هٿياربند جدوجهد سان ماڻهو ماري رهيا آهن
ان سان مسئلو حل ٿيندو،اسان سياسي ڊائلاگ ذريعي معاملا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ اسان کي به پوئتي ڪيو ويو،اهي اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ ته پري ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهن،عمران خان،نواز ليگ ۽ پ پ جي سوچ بلوچستان جي حوالي سان فوج جي سوچ تي ئي اٽڪي بيهي ٿي،اسٽيبلشمينٽ بلوچستان کي ڪالوني سمجهيو آهي،بلوچن کي هن ملڪ ۾ غلام سمجهيو ويو آهي،
اسان کي پنهنجي صوبي ۾ جيئڻ،ڳالهائڻ،پنهنجا وسيلا پنهنجي مرضي سان استعمال ڪرڻ جو حق ناهي،هن چيو ته ڪئنالن جو مسئلو ٿئي يا ڪالاباغ ڊيم جو،ڪي پي ۽ سنڌ گڏجي وڃن ٿا،انهن تي غداري جا ڪيس نٿا هلن،ڇو ته سنڌ ۽ ڪي پي جون قومي اسيمبلي ۾ ايتريون سيٽون آهن جو اهي حڪومت ٺاهي ۽ ڊاهي سگهن ٿا،بدقسمتي سان اسان وٽ ايتريون سيٽون ناهن،هن چيو ته پي ٽي اءِ يا پي ڊي ايم کي جڏهن اسان جي ووٽن جي ضرورت پوي ٿي ته پوءِ اسان وٽ اچن ٿا،سياسي پارٽيون پنهنجي مفادن جو اسير آهن،
ڪڏهن ڪڏهن اهي پنهنجي قاتلن سان به ٺاهه ڪري ڇڏين ٿيون،عورت وزيراعظم تي اعتراض ڪندڙ سان به ٺاهه ڪري ڇڏين ٿيون،هن چيو ته اسان کي پاڪستان هي زمين ناهي ڏني،هي نعمت اسان کي رب پاڪ ڏني آهي،75 سالن ۾ اسان کي دوکا،فريب،قتلام ٿيندو ته،نسل ڪشي ٿيندي ته ڇا اسان انسان ناهيون،ڇا اسان مايوس نٿا ٿي سگهون،هن چيو ته اڄ جن هٿيار کنيا آهن اهي به ڪنهن دور ۾ سياسي سيٽ اپ جو حصو رهيا آهن،مري،بگٽي،ڊاڪٽر الله نذر کي ڏسو،ڊاڪٽر الله نذر گولڊميڊلسٽ ۽ شاگرد اڳواڻ رهيو،حالتن هن کي ان حد تائين پهچايو،مان پاڻ به پاڪستان جي نام نهاد جمهوري نظام کان مايوس ٿي چڪو آهيان،
اسان ماڻهن کان مايوس ناهيون،هن سسٽم ۽ هن سسٽم جي رکوالن کان مايوس ٿيو آهيان،هن چيو ته تازو ئي مون ماهه رنگ بلوچ لاءِ لانگ مارچ ڪيو پر توهان ڪوئيٽا اچڻ تائين اجازت نه ڏني،ان طرح جي جمهوريت اسان مشرف دور ۾ به نه ڏٺي هوندي،ماهه رنگ بلوچ کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏني وئي؟هو به لاپتا ماڻهن لاءِ تحريڪ هلائي رهي هئي،هن چيو ته اسان جي جلسي تي آپگهاتي حملو ٿيو پر اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي ته اهو آپگهاتي بمبار ڪير هو؟ ڪهڙي علائقي مان آيو؟هن چيو ته آپگهاتي حملو بلوچستان ۾ جبري گمشدگيون ڪندڙن،مسخ ٿيل لاش ڏيندڙن ڪرايو،اهو حملو اسٽيبلشمينٽ ۽ آءِ ايس آءِ ڪرايو،هن چيو ته مون تي سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي،مسئلو بلوچستان جو آهي،ڇا پ پ ۽ ن ليگ ۾ جرئت آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائين ته بلوچستان مسئلو حل ڪجي،
هن چيو ته شهبازشريف سان منهنجا رڳو ٻه مطالبا هئا هڪ ته بلوچستان مسئلو حل ڪرايو ٻيو چمن کان ڪراچي ڊبل ڪيريج روڊ ٺاهيو وڃي،وزيراعظم چيو ته مان بااختيار ماڻهن سان ڳالهائيندس،ان جو مطلب سڀ بي اختيار آهن،هن چيو ته بلوچستان جي ڳوٺن ۾ ويندا ته توهان کي هڪ يا ٻه لاپتا ماڻهن جا وارث ملندا،توهان کي لاپتا ماڻهن ۽ چچريل لاشن جون شاهديون ملنديون،هن چيو ته قانون رڳو اسان لاءِ آهن؟جيڪي اقتدار ۾ ويٺل آهن انهن اڳ ۾ به اهڙا قانون ٺاهيا،دهشت گردي ٽوڙ قانون نوازشريف ٺاهيو پر دهشت گردي ٽوڙ عدالت مان هن کي به سزا آئي،نيب جو بنياد نوازشريف رکيو،
ان قانون جو نشانو به هو بڻيو،حڪمران پنهنجي سياسي قبر کوٽي رهيا آهن،اهي جمهوريت جي قبر کوٽي رهيا آهن،ڇا زرداري بلاول کي 90 ڏينهن ته پري 9 ڏينهن لاءِ به انهن عقوبت خانن ۾ رکڻ پسند ڪندو؟ڇا نوازشريف حسين نواز يا ڏوهٽي جنيد کي 10 ڏينهن لاءِ انهن عقوبت خاني ۾ رکندو؟اهي قانون انهن تي لاڳو ٿيندا ته پوءِ پڇنداسين ته هاڻي مزو آيو يا نه؟هن چيو ته پاڪستان جي جهنڊي جي عزت توهان ڪٿي ڇڏي آهي؟هتي منشيات فروشي، اسمگلنگ، تمام غيرقانوني ڪم پاڪستان جي جهنڊي هيٺ ٿين ٿا،
ماڻهن کي اغوا انهن گاڏين ۾ ڪيو وڃي جن جي ڊيش بورڊ تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل هوندو اهي،توهان ماهه رنگ يا مون مان پوءِ ڇو ان جي قدر جي اميد رکو ٿا؟پهرين پاڻ ته جهنڊي جو قدر ڪريو،انٽرويو جي آخر ۾ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن رياست سياسي ڳالهين جو رستو اختيار نه ڪيو ته حالتون ايتريون بگڙي سگهن ٿيون جو انهن تي ضابطو پائڻ ممڪن نه ٿيندو۔ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن گڏ رهڻو آهي ته اعتماد، احترام ۽ برابري جي بنياد تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ ڌار ٿيڻ طرف وڌندڙ بلوچستان هاڻ گهڻو پري ناهي۔
جُولاءِ 25, 2025