ڊويزنن کي انتظامي يونٽ قرار ڏيڻ سان طرز حڪمراني بهتر ٿي ويندي:ڊاڪٽر اشفاق حسن

اسلام آباد(ويب ديڪس)ناليواري معاشي ماهر ڊاڪٽر اشفاق حسن چيو آهي ته پاڪستان ۾ گهڻا مسئلا آهن بنيادي طور انهن جو تعلق حڪومت ڪاري جي طريقي سان آهي،هن ملڪ ۾ حڪمران سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ڪاموراشاهي، سياستدان ۽ اسٽيبلشمينٽ آهي، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته يونيورسٽين ۾ تعليم جو معيار ڪري رهيو آهي،ڀٽو دور ۾ ڏهن سالن لاءِ ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪئي وئي،ان کانپوءِ وساري ويٺاسين ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، هن چيو ته اڄ 50/55 سالن کان اهو نظام هلي رهيو آهي،
اسان ان ئي نظام ۾ ڦاسي وياسين،جيڪي قومون ان طرح فريز ٿي وينديون آهن پوءِ ڪيئن توهان گورننس جي نظام ۾ بهتري ايندي،1973ع کانپوءِ اسان ڊگهي مدي واري سوچ ويچار ۽ منصوبابندي ناهي ٿي، حڪومت ڪاري جي معاملن ۾ پاڪستان منجمد ٿي ويو آهي،هن چيو ته اسان هر گهٽي چوڪ ۾ يونيورسٽيون قائم ڪري ڇڏيون،هارورڊ يونيورسٽي دنيا ۾ هڪ ئي هنڌ تي آهي،پاڪستان ۾ اڄ 240 جي لڳ ڀڳ يونيورسٽيون آهن،هن چيو ته پاڪستان جي گورننس جي مسئلن ۾ عالمي مالياتي ادارن آءِ ايم ايف،ورلڊ بئنڪ،ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جو ڪهڙو ڪم آهي؟قرضن مٿان قرض ملي رهيا آهن،
هن چيو ته قانون جي بالادستي لاءِ اڄ تائين ڪروڙين نه اربين رپيا ملي چڪا آهن، پر ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ اڄ تائين ڪا بنيادي تبديلي نه ٿي سگهي آهي،هن چيو ته اڪثر پنجاب ڏانهن آڱريون کڄن ٿيون ڇو ته ان جي آبادي تمام گهڻي آهي،ججن،جنرلن ۽ ڪاموراشاهي جي اڪثر معاملن ۾ پنجاب غالب اچي وڃي ٿو،هن چيو ته گورننس جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهنجا يونٽ ننڍا ڪرڻا پوندا،وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه تي سڀني جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا،هن چيو ته حل اهو آهي ته توهان ڊويزنن کي صوبو قرار ڏيو،ملڪ ۾ 30 يا 31 ڊويزنون آهن،پاڪستان ۾ 31 کن صوبا ٺهي ويندا،افغانستان ۾ 34 صوبا،
فلپائن ۾ 61،ترڪيه ۾ 83 صوبا آهن،آخر اهو نظام ڪيئن هلي رهيو آهي؟ توهان جي سرحد سان ملندڙ ايران ۾ 47 صوبا آهن،پوءِ اسان ڇو نٿا ٺاهي سگهون؟ڊويزن کي صوبو قرار ڏيڻ لاءِ سڌو سنئون توهان کي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي،توهان جي گورننس ۾ بهتري ايندي،هن چيو ته اڄ هر شخص پنجاب تي ڪاوڙيل آهي ته اهو وڏو صوبو سڀ کائي رهيو آهي،ان مان ڇوٽڪارو ملي ويندو،اين ايف سي ۾ 58سيڪڙو وفاقي حڪومت جا وسيلا صوبن کي منتقل ٿي وڃن ٿا، ان جي ڪري تمام گهڻو مالياتي بگاڙ پيدا ٿيو آهي،وفاق جو سڄو حصو صوبن جي رٿائن ۾ هليو وڃي ٿو پر قرض به لاهڻو آهي،
صوبائي حڪومتن جو ڪو به احتساب نه پيو ٿئي،ارڙهين ترميم سبب گهڻو بگاڙ پيدا ٿيو آهي،ان فارمولي تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي هن چيو ته آبادي واري فارمولي تي ڀارت جو مثال وٺو،انهن اهو فارمولو ئي تبديل ڪري ڇڏيو،انهن آبادي جو اسڪور 75 سيڪڙو مان گهٽائي 22 يا 23 ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته هن ملڪ ۾ حڪمرانن، ججن، جنرلن،سياستدان ۽ ڪامورن جي جڏهن مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته ان تي اٺين ترميم، ارڙهين ترميم به اچي ويندي آهي ۽ 26هين ترميم به اچي ويندي آهي پر جڏهن عوام کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه اچي ته توهان کي نوان صوبا يا نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻن گهرجن پر اتي سياسي مسئلا اچي وڃن ٿا.
جُولاءِ 25, 2025