مخالف ڌر اتحاد پاران اي پي سي جو اعلان، پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو ناهي رهي: اچڪزئي

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس) مخالف ڌر اتحاد جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ اي پي سي گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس 31 جولاءِ ۽ پهرين آگسٽ تي اسلام  آباد ۾ ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، سلمان اڪرم راجا، بابر اعوان، بيرسٽر سيف، علامه راجا ناصر عباس،

مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. محمود خان اچڪزئي چيو ته اهو سياسي جماعتن جو پهريون اتحاد آهي جيڪو ڪنهن اداري جي خواهش تي نه ٺاهيو ويو آهي. هي اتحاد تماشو نه پر اصولن لاءِ آهي. جيستائين چونڊ ڪميشن، آئين جي بالادستي ۽ پارليامينٽ کي طاقت جو سرچشمو نه بڻايو ويندو، هي اتحاد قائم رهندو. جنهن پارٽي چونڊون کٽيون، ان جي اڳواڻ کي جيل موڪليو ويو. ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪا حڪومت جوڙي وئي، اها عوام جي توهين آهي گلگت بلتستان کان گوادر تائين تحريڪ هلائينداسين،

پر نه گار ڏينداسين، نه هٿيار کڻنداسين. اسين هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائينداسين، جنهن ۾ ادارن جي نمائندن کي به سڏينداسين. ملڪ جي ڀلائي لاءِ ٻاهر نڪرنداسين. جنهن به طبقي جو مسئلو آهي، اسين بنا شرط ساٿ ڏينداسين. ان لاءِ 31 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي. علامه راجا ناصر عباس چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت هجي ها ته مخصوص سيٽن وارو فيصلو نه اچي ها. هن چيوته بلوچستان ۾ ڪيترا آپريشن ٿيا پر ڪاميابي نه ملي. حالتون بدتر ٿي ويون آهن. هميشه گولي وارا هارائيندا آهن، عوام کٽيندو آهي،

هاڻ به ايئن ٿيندو. 5 آگسٽ تي تحريڪِ تحفظِ آئين جا ماڻهو زبردست احتجاج ڪندا. جيڪڏهن حڪومت اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذميوار حڪومت هوندي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته هن ملڪ کي صحيح طرف وٺي وڃڻو آهي.

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو