هانيا سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪندڙ دلجيت ڀارتين کي وري چيڙائي وڌو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي گلوڪار دلجيت دوسانجهه به پاڪستاني گلوڪار سجاد علي جو مداح نڪتو.
دلجيت دوسانجهه سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن جي بيڪ گرائونڊ ۾ هن سجاد علي جو گانو ”راوي“ لڳايو آهي.
واهپيدار پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ دلجيت جي ان عمل کي تمام گهڻو ساراهيو.
واضح رهي ته دلجيت دوسانجهه فلم ”سردار جي 3“ ۾ پاڪستاني اداڪارا هاميا عامر سان گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڀارت ۾ تڪرار جو شڪار آهي.