جائز احتجاج ڪندڙن خلاف مقدما باقي ڌاڙيلن، ڦورن ۽ ڏوهارين ۾ هٿ نه وجهبو!

Spread the love

سنڌ ۾ پ پ کي جيتوڻيڪ لاڳيتو 15 سالن کان حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي پر حيرت آهي ته ايڏو عرصو انتظام سنڀالڻ باوجود اها گڊ گورننس قائم نه ڪري سگهي آهي نه ئي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ واري اولين ڊيوٽي ادا ڪري سگهي آهي. اهو به تاثر عام آهي ته پ پ جي حڪومت ۾ ئي سنڌ اندر هميشه ريڪارڊ بدامني ٿيندي آهي ۽ ڌاڙيلن کي پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ جي کليل ڇوٽ مليل هوندي آهي. جڏهن ته لاڳيتو 15 سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ ته جيڪر سندن حڪومتي نيٽ ورڪ مثالي بڻيل هجي پر نظر ان جي ابتڙ ئي اچي رهيو آهي. حڪومتي ڪارڪردگي بدکان بدتر ئي ٿيندي پئي وڃي اڄ ڌاڙيلن جو نيٽ ورڪ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، شڪارپور جي ضلعن کان وڌي لاڙڪاڻي ضلعي تائين پکڙجي ويو آهي جيڪو ووٽن جي حساب سان پ پ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي.

هاڻي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته پ پ جي سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام کي ڇا جي سزا ڏئي رهي آهي جو اتي بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي. ڪا پ پ مخالف جماعت اقتدار ۾ هجي ۽ اها لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام کي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ڌاڙيلن کي اوڏانهن ڦرن لاءِ موڪلي ته ڳالهه وري به سمجهه ۾ اچي پر پ پ جي سنڌ حڪومت جو لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيوآهي جو کين ڌاڙيلن جي آڙ ۾ تنگ ڪيو پيو وڃي پر جيڪڏهن اهو سمجهجي ته  پ پ جي سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام سان ڪو وير نه ٿي وٺي ۽ اصولي طور تي جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته ان جو ڪو جواز به ناهي ته ڇا پوءِ ان کي سنئين سڌي حڪومتي نااهلي ۽ ناڪامي سمجهجي ته اها 15 سال لاڳيتو اقتدار ۾ رهي ڪري به سنڌ اندر امن قائم نه ڪري سگهي آهي. جيڪڏهن اها سنڌ حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي آهي ته پوءِ ان کي ان جو اعتراف ڪندي هٿ مٿي کڻڻ گهرجن. عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت نه ڪري سگهڻ کان وڏي ڪنهن به حڪومت تي ڪا چارج نٿي ٿي سگهي.

هاڻي اهو به هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر پ پ جي سنڌ حڪومت گڊ گورننس لاءِ گهربل سنجيدگيءَ جو ڇو مظاهرو نه ٿي ڪري ڇا اها اقتداري طاقت جي نشي ۾ ڌت آهي، ان کي هاڻي عوام جي ڪا پرواهه ناهي، ووٽ وٺڻ واري طاقت هاڻي اها ڪنهن ٻي طاقت کي ٿي سمجهي؟ اهو تاثر ان ڪري به جڙي رهيو آهي جو وقت به وقت پ پ جي وزيرن جا طاقت جي نشي وارا ڏنل  اهي بيان ٻڌبا رهيا آهن ته ان خوشفهميءَ ۾ نه رهجو ته ڪو اسان توهان جي ووٽن جا محتاج آهيون يا هڪ اڳوڻي سينئر وزير جو تڪ جي ماڻهن سان مخاطب ٿي اهو چوڻ ته اسان اوهان جي  ووٽ تي پيشاب به ناهيون ڪندا، ڇا ٿو ٻڌائي.

سو اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سڄي ملڪ اندر سنڌ مان سڀ کان گهڻا ووٽ کڻندڙ ۽ سوئيپ ڪندڙ پ پ کي سنڌي عوام تي آخر ڪهڙي چڙ آهي؟ ڇا ووٽ جي عيوض سنڌي عوام جو حڪومت کان پنهنجو حق گهرڻ، پنهنجا مسئلا  ٻڌائڻ ۽ انهن جي حل لاءِ پڇيل سوال ۽ احتجاج کين ناگوار ٿو لڳي. ۽ شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ حڪومت پنهنجي ووٽرن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران سندن احتجاجن تي  پوليس هٿان لٺ بازي ۽ تشدد ڪرائيندي آهي ۽ جائز مطالبن توڙي احتجاج ڪندڙن تي مقدما رهي آهي.

اسان اهو لاڳيتو ڏسندا رهيا آهيون ته احتجاج ڪندڙ استادن، ڊاڪٽرن، نرسن، انجنيئرن، صحافين، اديبن، عورتن ۽ مختلف ادارن جي ملازمن تي ڪيئن نه پوليس هٿان تشدد ڪرايو ويندو آهي ٻيو ته ٺهيو حق گهرڻ تي پوليس اهلڪارن کي به بخش ناهي ڪيو ويندو. ايئن پ پ جي سنڌ حڪومت اهو تاثر جوڙي رهي آهي ته ان کي صرف ووٽ کپن ووٽر جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت اها ڪو آواز ٻڌڻ نه ٿي چاهي. ان حوالي سان هڪ رپورٽ آهي ته ” پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا پاران گلشن حديد جي رهواسين ۽ سرڪاري ڪالوني اسٽيل ٽائون جي رهائشين جي ٻن هفتن کان پاڻي بند هجڻ خلاف عوام ڌرڻو ڏئي  قومي شاهراهه بلاڪ ڪئي ته ان احتجاج جي خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي اي ايس آءِ جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي جنهن ۾ 52 مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پوليس جي اهڙي عمل ۽ انتظاميا جي جارحيت خلاف گلشن حديد جي رهواسين، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا جي هٺ ڌرمي سبب سڄو علائقو ڪربلا جو ميدان بڻيل آهي. ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن جي ڳالهه به نٿا ڪري سگهن.

سو اها آهي پ پ جي سنڌ سرڪار جنهن ڌاڙيلن، ڦورن ۽ ڏوهارين  کي ته بي لغام ڇڏي ڏنو آهي باقي جائز حق گهرڻ تي آواز اٿارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي شريف ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري کين تنگ ڪري رهي آهي ته جيئن اهي پنهنجا جائز حق نه گهرن. اسان سمجهون ٿا ته اهو اصل ۾ اقتداري نشو آهي ٻيو ڪجهه به ناهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سنڌ سرڪار ڪ تجربيڪار حڪومت هئڻ جو مظاهرو ڪري، گڊ گورننس قائم ڪري ۽ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائي پر ان جو ايڏانهن ڌيان تڏهن ويندو جڏهن اها اقتدار جي نشي مان نڪرندي!

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو