ملير: نامعلوم شخص پاران اغوا ٿيل 12 ورهين جي نينگري پوليس جي بروقت ڪارروائي سان بازياب

Spread the love

ملير(رپورٽ: قادر درس ) ميمڻ ڳوٺ درساڻو ڇنو روڊ تي ملير ڊيم لڳ  پورهيت عبدالقدير جي ٻارنھن ورهين جي نينگري  سميه کي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار شخص اغوا ڪري کڻي ويو ـ  ڇوڪري جي والدين اھڙي اطلاع 15 پوليس کي ڏني , ميمڻ ڳوٺ 15 پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي والدين سان گڏ اغوا ٿيل ڇوڪري جي ڳولا شروع ڪري ڏني پوليس جو پيڇو ڪرڻ تي جوابدار نينگري کي درسانو ڇنو هاشم مهر علي ڳوٺ لڳ ڇڏي فرار ٿي ويو

, 15 پوليس جي اي ايس آئي براد جوکيو,  ناصر , اسحاق ۽ والدين سان گڏ ھاشم مھرعلي ڳوٺ مان اغوا ٿيل ڇوڪري ثميھ کي بازياب ڪرائي بروقت سندس والدين عبدالقديم ۽ عبدالقدير جي حوالي ڪيو والدين پاران بروقت ڪاروائي عمل ۾ آڻي نينگري کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ تي پوليس جو شڪريو ادا ڪيو

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو