سڪرنڊ: استاد بادل جوکيو جي ياد ۾ 500 وڻن جي ورهاست، ماحولياتي سجاڳي لاءِ سنڌ ڪلچرل فورم جي مھم

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ ڪلچرل فورم جي طرف کان ماحولياتي آلودگي گھٽايو -وڻ لڳايو مھم جي سلسلي ۾ لانگاھ چوڪ(ڊي چوڪ)  ۾ علائقي جي فرض شناس استاد ۽ تعليم دوست سماج سڌارڪ  استاد محمد بادل جوکيو صاحب جي ياد ۾ مختلف قسم جي پنج سو وڻن جون چڪيون عام ماڻھن ۾ تقسيم ڪيون ويون.ھن تقريب جو مک مھمان  سائين محمد بادل جوکيو جو فرزند عاشق علي جوکيو ھيو جڏھن تہ ٻين مھمانن ۾ فداحسين ڀٽو ، غلام مصطفيٰ گائيچو ، علي اڪبر اوٺو، نديم ڀٽو ، يقين لانگاھ ، جنسار لانگاھ شامل ھيا .ان موقعي تي  ڳالهائيندي ميزبان سنڌ ڪلچرل فورم جي ضلعي نگران استاد منور علي لانگاھ ،

ڪاشف علي لانگاھ ۽ بچل لانگاھ  چيو تہ سائين محمد بادل جوکيو ضلع شھيد بينظير آباد جي چند بھترين استادن ۽ تعليم دوست ڪردارن منجھان ھڪ بھترين تعليم دوست شخصيت رھيا آھن جن جي دست شفقت ھيٺ تمام وڏن عھدن تي پھتا آھن استاد بادل جوکيو ھڪ مھربان ۽ شفيق انسان ھيو جنھن ساھ جي آخري گھڙين تائين تعليم جي واڌاري ۽ بھترين سماج جي اڏاوت لاءِ جاکوڙ ڪئي ،تقريب جي مک مھمان استاد محمد بادل جي فرزند عاشق علي جوکيو پنهنجي ويچارن ۾ چيو ته سنڌ ڪلچرل فورم ھميشه استادن جا طرفدار ۽ بھتر ء معياري تعليم جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪندڙ رھيا آھن

 اڄ منهنجي والد بزرگوار جي تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ وڻن جون چڪيون لڳائي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي جنھن تي اسان جي خاندان پاران سندن شڪريو ادا ڪريان ٿو ان موقعي تي آسپاس مختلف ڳوٺن جي رهواسين ۾  500 مختلف قسمن جي وڻن جون چڪيون ورھائي مرحوم سائين بادل جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۽  مستقبل ۾ سٺن ڪردارن کي ياد ڪندي اھڙا ماحول دوست ،تعليم دوست ۽ سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو