مٺي: سني رابطه ڪائونسل پاران مذهبي هم آهنگي لاءِ اپيل، انتظاميا کان نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) سني رابطه ڪائونسل ٿرپارڪر جي اڳواڻن  مولانا محمد خان معاويه ، قاري قاسم ، قاري عطااللّه حيدري ،محمد اشفاق ، قاري آصف ، محمد افضال ۽ ٻين پريس ڪلب مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سموري سنڌ ۾ محرم الحرام دوران مختلف هنڌن تي الڳ فرقن جي چند  ماڻھن پاران مذھبي معاملا ٿيا جن جا ڪيس پڻ داخل ٿيا.

ٿر ۾ ڪجهه واقعا پيش آيا جنهن ۾ مختلف فرقن جي ماڻھن پاران سوشل ميڊيا تي متضاد  ڳالهيون ڪيون اهڙي عمل سان وڌيڪ نفرت پکڙي سگهي ٿي . اسان انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪيون ته اهڙن معاملن تي سختي سان نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن خطي ۾ امن برقرار رهي.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو