مٺي: ننگرپارڪر ۾ بااثرن پاران آر او پلانٽ تي قبضي جو الزام، آپريٽر جو انصاف لاءِ مطالبو

Spread the love

مٺي (ڊ-ر ) تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ تاج محمد شاهه جي رهواسي آر او پلانٽ آپريٽر خان محمد شاهه پريس ڪلب مٺي پهچي دانهيندي چيو آھي ته ڪجهه ڏينهن کان اسان جي ڳوٺ جا بااثر ماڻھو محمود شاهه ، تقن شاهه ۽ ٻين مونکان ڳوٺ ۾ لڳل آر او پلانٽ جون چاٻيون ڦر ڪري پلانٽ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھو ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻي جي بدلي پئسا وٺي رهيا آھن ۽ پلانٽ جي پليٽن تان لائنون لڳائي پنهنجي گهرن ۾ بجلي استعمال ڪري رهيا آھن

جڏھن ته مونکي پلانٽ تي اچڻ نٿا ڏين مون اهڙي دانهن پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن ۽ مقامي ماڻھن کي به ڏني آھي هن چيو ته اختياريون  نوٽيس وٺي مونسان انصاف ڪن.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو