نوابشاهه: عبدالقادر پارڪ ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ، مختلف وبائي بيمارين جي مفت چڪاس ۽ علاج

Spread the love

نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) عبدالقادر پارڪ ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ، جلد، مليريا، هيپاٽائٽس ۽ اکين جي بيمارين جي جاچ – ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري پاران صحت مند معاشري جي عزم جو اظهار خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي خاص هدايتن تي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوابشاهه ڊاڪٽر اسد الله ڏاھري جي سرواڻيءَ ۾ نوابشاهه جي منواباد علائقي ۾ قائم عبدالقادر پارڪ ۾ ھڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو اهتمام ڪيو ويو. ڪيمپ جو مقصد برساتن کانپوءِ ڦهلجي ويل چمڙي، مليريا، هيپاٽائٽس (بي ۽ سي) ۽ اکين سميت ٻين وبائي بيمارين جي روڪٿام، تشخيص ۽ بروقت علاج کي ممڪن بڻائڻ هو.

ڪيمپ ۾ جلد، اکين، ۽ متعدي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم مقامي رهواسين جي چڪاس ڪئي. ڪيترن ئي مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪيو ويو، جن کي دوائون، اکين جا چشما ۽ تشخيصي سهولتون مفت فراهم ڪيون ويون. ان موقعي تي ڊاڪٽر اسد الله ڏاھري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو گذريل برساتن کانپوءِ جلد جي بيمارين، بخار، مليريا، هيپاٽائٽس ۽ ٻين متعدي بيمارين جي شرح ۾ واڌ آئي آهي. اسان جو مقصد آهي ته ماڻهن کي سندن در تي مفت علاج جي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. حڪومت جي هدايت تي ضلع جي مختلف علائقن ۾ اهڙيون ڪيمپس لڳائي رهيون آهن،

۽ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ڀرپور جذبي سان عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي.” ڊاڪٽر ڏاھري اهو به واضح ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻين ڳوٺن ۽ شهر جي مختلف حصن ۾ پڻ اهڙيون مفت ميڊيڪل ڪيمپس لڳائڻ جو منصوبو آهي ته جيئن هر سطح تي عوام جي صحت جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. علائقي واسين ڪيمپ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري سطح تي اهڙي قسم جي فوري قدم سان کين وڏو رليف مليو آهي، ۽ اُميد آهي ته اهڙيون سهولتون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو