هڪ هو آئين!

Spread the love

اسلام آباد جي جناح ايونيو تان ڊي چوڪ  ڏانهن وڃو ته سامهون پارليامينٽ هائوس جي خوبصورت عمارت نظر اچي ٿي، جنهن جي پيشانيءَ تي لکيل ڪلمو طيبه توهان جي ڌيان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿو: لا اله الا الله محمد رسول الله. هي ڪلمو اسلام جي بنياد آهي، جنهن ۾ اقرار ڪيو ويو آهي ته “الله تعالى کان سواءِ ڪو به معبود ناهي ۽ محمد ﷺ سندس رسول آهن”. پارليامينٽ هائوس جي پيشانيءَ تي موجود ڪلمو طيبه مون کي پاڪستان جي آئين جي ابتدائيه جي ياد ڏياري ٿو، جيڪو “بسم الله الرحمن الرحيم” سان شروع ٿئي ٿو، ۽ جنهن جي دفعو 2 مطابق اسلام رياست جو مذهب آهي. اسلام، الله تعالى جي اطاعت ۽ امن و سلامتي جو نالو آهي، پر جڏهن به مان پارليامينٽ هائوس جي مرڪزي دروازي کان اندر داخل ٿيندو آهيان ته ان جو سنگ بنياد مون کي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڌڪي وجهي ٿو، جيڪا تلخين ۽ تضادن سان ڀريل آهي، ۽ اهي تضاد گهٽ ٿيڻ بدران اڄ به وڌي رهيا آهن.

پارليامينٽ هائوس جي سنگ بنياد تي لکيل آهي ته هن عمارت جو افتتاح 14 آگسٽ 1974 تي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو هو. ستم ظريفي اها آهي ته پارليامينٽ هائوس جو سنگ بنياد ته هڪ چونڊيل وزيراعظم رکيو، پر 28 مئي 1986 تي هن عمارت جو افتتاح هڪ فوجي آمريت ڪندڙ جنرل ضياءَ الحق ڪيو. اهو ساڳيو جنرل ضياءَ الحق، جنهن پاڪستان جي اعليٰ عدليا سان گڏجي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ پوءِ ڪيترن ئي سالن بعد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڀٽو کي ڏنل ڦاسيءَ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو. سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته جنرل ضياءَ الحق، جيڪو آئين پاڪستان جي خالق وزيراعظم کي ڦاسي ڏني، تنهن پارليامينٽ هائوس جي عمارت جو افتتاح پاڻ ڇو ڪيو؟ محمد خان جوڻيجو ته هن پاڻ وزيراعظم مقرر ڪيو هو. پوءِ هن جوڻيجو کي پارليامينٽ هائوس جي افتتاح جي اجازت ڇو نه ڏني؟

اهو صحيح آهي ته جوڻيجو کي جنرل ضياءَ وزيراعظم مقرر ڪيو هو، پر جوڻيجو جو اصرار هو ته مارشل لا ختم ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن هن پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته مارشل لا ۽ جمهوريت گڏ نٿا هلي سگهن. جوڻيجو جي تقرير جو اهو حصو پاڪستان ٽيليويزن سنسر ڪري ڇڏيو، ڇو ته اطلاعات جو سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل مجيب الرحمان فوجي صدر جي مرضيءَ سان هلندو هو. جنرل ضياءَ الحق 1985ع جي غيرجماعتي قومي اسيمبليءَ سان واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن اٺين ترميم منظور ڪئي وڃي، جنهن سان کيس قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار ملي، ته هو مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندو. 17 آڪٽوبر 1985 جي صبح پوني چار وڳي اٺين ترميم منظور ڪئي وئي، پر جنرل ضياءَ مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو، جنهن تي جوڻيجو ناراض ٿي ويو. آخرڪار 25 ڊسمبر… جنرل ضياءَ الحق 1985ع ۾ مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن اعلان کان ڪجهه مهينا پوءِ، 10 اپريل 1986 تي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان واپس آئي. لاهور ۾ سندن بي مثال آجيان ڪيو ويو، جنهن ڪري جنرل ضياءَ سخت سياسي دٻاءُ هيٺ اچي ويو. هو بينظير ڀٽو کي گرفتار ڪرڻ چاهيندو هو، پر وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ان گرفتاريءَ جي سخت مخالفت ڪئي. اهوئي اختلاف هو، جنهن سبب جنرل ضياءَ الحق جوڻيجو کي پارليامينٽ هائوس جي عمارت جو افتتاح نه ڪرڻ ڏنو، ۽ 28 مئي 1986 تي پاڻ ئي اچي افتتاح ڪري ڇڏيو، جيئن هو اهو ڏيکاري سگهي ته مارشل لا ته ختم ٿي ويو آهي، پر پارليامينٽ هائوس تي قبضو اڃا به جنرل ضياءَ جو قائم آهي.مان جڏهن قومي اسيمبلي جي پريس گيلريءَ ۾ ويهي حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گاريون ڏيندي ڏسان ٿو ته منهنجون نظرون قومي اسيمبليءَ جي ڇت ڏانهن مٿي ٿي وڃن ٿيون، جتي الله تعاليٰ جو نالو لکيل آهي. ايوان جا ميمبر جيڪي حلف کڻن ٿا، اهو حلف سندن روين سان مطابقت نٿو رکي. پارليامينٽ هائوس جي پيشانيءَ تي ڪلمو طيبه ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڇت تي الله تعاليٰ جو نالو، رڳو حڪومت نه پر سڀني ميمبرن تي وڏي ذميواري وجهي ٿو.

انهن کي ڪلمي جي حرمت ۾ رڳو ڪلمو حق چوڻو آهي. انهن کي دين اسلام جي تعليم مطابق، الله تعاليٰ کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي مفاد کي عوامي مفاد تي قربان ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي سمورن اهم ادارن ۾ جيڪو حلف کنيو وڃي ٿو، اهو آئين پاڪستان ۾ لکيل آهي. هر حلف آئين جي مطابق کنيو وڃي ٿو.

وعدي جي وفا، اسلام جي اهم تعليم مان هڪ آهي. قرآن پاڪ جي سورت بني اسرائيل ۾ حڪم آهي ته “۽ وعدي کي پورو ڪندا رهو، بيشڪ وعدي جي باري ۾ پڇا ٿيندي.” سورت المائده ۾ چيو ويو آهي ته: “اي ايمان وارو! پنهنجي عهدن کي پورو ڪريو.”هاڻ  ٿورو دل تي هٿ رکي سوچيو ته مان، توهان، ۽ هن ملڪ جو حڪمران طبقو، جيڪو هڪ ٻئي سان واعدا ڪري ٿو ۽ حلف کڻي ٿو، ڇا اهو انهن واعدن تي عمل ڪري ٿو؟ قول ۽ فعل جي تضاد ۽ وعده خلافيءَ جي ڪري، اهو آئين، جنهن ۾ اسلام کي رياست جو مذهب قرار ڏنو ويو هو، غير اثرائتو ٿي چڪو آهي. اها پارليامينٽ به بي وقار ٿي وئي آهي، جنهن جي پيشانيءَ تي ڪلمو طيبه لکيل آهي.

جمهوريت جو حال به اهوئي آهي، جيڪو اسلام آباد جي ڊي چوک ۾ نظر اچي ٿو. ڊي چوک جو اصل نالو ڊيموڪريسي چوک هو، ڇو ته هتي پاڪستان جي ڏهاڙي جي پريڊ ٿيندي هئي. پوءِ ڊيموڪريسي کي رڳو “ڊي” تائين محدود ڪيو ويو، ۽ اڄ ڊي چوک ۾ خاردار تارن ۽ جنگلن جو راڄ آهي.آئين، پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي خاردار تارن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ، ڪلمو طيبه جي تقاضائن ۽ حلف جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. آئين پاڪستان اڄ شايد ڪمزور آهي، پر ان جو حليو بگاڙڻ وارن جو انجام سٺو نه ٿيو. جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف جو انجام اوهان جي سامهون آهي. اهو آئين، جيڪو 14 آگسٽ 1973 تي نافذ ٿيو هو، ان کي ٻيهر بگاڙيو ويو آهي.هي آئين ضرور موٽندو. هي تاريخ جو فيصلو آهي، جيڪو مون کي ڀت تي لکيل نظر اچي ٿو.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو