ايم پي اي نوابزاده برهان چانڊيو پاران حاجي علي نواز چانڊيو سان تعزيت، مرحومه لاءِ دعا مغفرت
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو جن چانڊيا هائوس سڪرنڊ پير ذاڪري پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ حاجي علي نواز چانڊيو جن جي والده محترمه جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ڳالهائينزي چيو ته اسين هن ڌک ڀري گهڙيءَ ۾ ڏوکيل خاندان سان سندن غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجن جي وڇوڙي جا گهاوَ وڏا هوندا آهن پر دل چوندي آهي ته شل ڪنهن جي جيجل ڪنهن کان نه وڇڙي پر قدرت جو قانون آهي جنهن کي قبول ڪرڻو ٿو پوي دعا آهي ته الله سائين حاجي علي نواز چانڊيو جي جيجل امڙ کي جنت ۾ جايون عطا فرمائي ان موقعي تي واجد علي خان چانڊيو ، مير پرويز احمد چانڊيو ، علي بخش خان چانڊيو، شاهنواز خان چانڊيو ، رضا چانڊيو ، نظير قيصر خان چانڊيو ، تاج محمد چانڊيو ، مير عبدالجبار چانڊيو ، نور محمد چانڊيو ۽ غلام قادر چانڊيو پڻ موجود هئا
جُولاءِ 23, 2025