شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ۾ شاگردن لاءِ تربيتي ورڪشاپ، مختلف يونيورسٽين جي شاگردن جي شرڪت
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) بئريسٽر عمران اڪبر رند ۽ بئريسٽر عاشر مھر پاران مختلف يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ شھيد ذواکفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ۾ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. جنهن جو مهمان خاص ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو هو. تربيتي ورڪشاپ ۾ ڪراچي يونيورسٽي، قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد،
ٿيمس اسڪول آف لا، ھمدرد يونيورسٽي ، سنڌ يونيورسٽي ، ڊيننگ لا اسڪول ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ، ميٿارام انسٽيٽيوٽ آف لا، جي سي يونيورسٽي لاھور، ھارڊفورڊ شائير يونيورسٽي ۽ گرين وچ يونيورسٽي انگلينڊ جي شاگردن شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ نوجوانن کي خودمختيار بنائڻ ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي ترقيءَ جي راهن تي پنهنجي نئين سوچ ۽ خيالن جي آڌار تي سماج کي انصاف ۽ بنيادي حقن بابت آگاھ ڪرڻ ۽ انهن جي قانوني مدد ڪرڻ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو ويو.
آخر ۾ ميزبانن طرفان مھمان جا خصوصي جا ٿورا مڃيا ويا جن پنھنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ مفيد ڄاڻ ڏني.
جُولاءِ 23, 2025