ڇور ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج، ريلوي ٽريڪ لاءِ زوري مٽي کڻڻ خلاف ٺيڪيدارن تي ڌمڪين جو الزام
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) ٿر جي ڳوٺ محبو ڀيل جي رھواسين ڏرنگو ڀيل ڀاڻجي ڀيل جمعو ڀيل ھرچند نارائڻ گوتم ۽ ٻين ڇور پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو تـ اسان جي سروي ٻنين مان سلام ڪوٽ ريلوي ٽريڪ جو ڪم ھلندڙ آھي ريلوي ٽريڪ ۾ ايندڙ اسان پنهنجو سروي ٻنيون پاڪستان سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيون پر ھن وقت ريلوي ٽريڪ لاء مٽي جي ڀرائي جو ٺيڪيدار مانجھي سومرو ۽ اختر پٺاڻ اسان جي سروي ٻنيون جيڪي 3 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کان پري آهن انھن مان زوري مٽي کڻي رھيا آهن
جن ۾ اسان جا فصل پوکيل آهن جنهن ڪري اسان جو ٻنيون خراب ٿيڻ سان گڏ فصلن جو نقصان ٿي رھيو آهي اسان جي منع ڪرڻ تي ٺيڪيدار اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ کنڀي گم ڪرائڻ جو دمڪيون ڏئي رھيو آهي اسان جي وس وارن کي اپيل آهي تـ ٺيڪيدار جي ظلم کان بچايو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي
جُولاءِ 23, 2025