وڳڻ لڳ ڳوٺ علي اصحابو بنيادي سهولتن کان محروم، ڳوٺاڻن جو چونڊيل نمائندن کان نالا ۽ رستا ٺهرائڻ جو مطالبو

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو  )وڳڻ لڳ يوسي آباد ڪلھوڙا جو قديمي ڳوٺ علي اصحابو جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن محروم بڻيل تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي مير عامر مگسي ايم پي اي نوابزاده برحان چانڊيو ۽ يوسي آباد ڪلھوڙا جي چيئرمين عامر ڪلھوڙو جي بي ڌياني سبب ڳوٺاڻا گھرن جي پاڻيء جي نيڪال جو سسٽم نه ھئڻ ۽ گذر گاھ وارو مک رستو پڪو نه ھئڻ ڪري سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن جڏھن ته روڊ رستا پڪا نه ھئڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارو سسٽم نه ھئڻ ڪري ڳوٺ علي اصحابو واسي جديد دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آھن جڏھن ته گذريل ڏينھن پيل برسات ڳوٺاڻن لاء رحمت بدران زحمت بڻجي وئي ڳوٺاڻن عبدالغفار تنيو، نياز تنيو،

عبدالوحيد تنيو ۽ ٻين چيو ته اسانجو ڳوٺ وارھ تعلقي جي يوسي آباد ڪلھوڙا جو وڏي آبادي وارو قديمي ڳوٺ آھي ھتان ھر دور ۾ پ پ پ جا نمائندا اليڪشن کٽندا آھن پر ان باوجود به اسانجي ڳوٺ جي اڌ آبادي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھي جڏھن ته اسان سڀئي پ پ پ جا ووٽر آھيون ان باوجود به اسانکي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو اسانجي ڳوٺ ۾ گھرن جي گندي نيڪال جي پاڻيء جو سسٽم نه ھئڻ ڪري گندو پاڻي گھرن اندر تلاء جي شڪل ۾ بيٺو رھي ٿو جڏھن ته گذر گاھ جو رستو پڪو نه ھئڻ ڪري برسات پوڻ بعد اسان گھر کان ٻاھر به نٿا نڪري سگھئون ھنن چيو ته ساڳئي ئي رستي تي ڳوٺ جي جامع مسجد پڻ آھي

جنھنجي اڳيان ھر وقت نيڪال جو گندو پاڻي موجود رھي ٿو جتان گذرڻ دوران نمازين جا ڪپڙا خراب ٿين ٿا جڏھن ته بنيادي سھولتون ميسر نه ھئڻ ڪري ھتان جا رھواسي عذيت واري زندگي گھاري رھيا آھن ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي مير عامر مگسي ايم پي اي نوابزاده برحان چانڊيو ۽ يوسي چيئرمين عامر ڪلھوڙو کان مطالبو ڪيو آھي ته کين نيڪال لاء ناليون ۽ پڪو رستو ٺھرائي ڏنو وڃي ته جيئن اھي بھتر نموني زندگي گذاري سگھن،

جُولاءِ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو