اسلام ڪوٽ ۾ ننگرپارڪر واسي پيرسن امولڪ ميگھواڙ جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج، ڊي سي ٿرپارڪر کان انصاف جي اپيل

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي) اسلام ڪوٽ ۾ ننگرپارڪر واسي ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج، خبرموجب:ننگرپارڪر جي ڳوٺ مٺڙيو ھاليپوٽا جو رھواسي پيرسن امولک ميگھواڙ بااثرن ۽ روينيو عملدارن جي ظلمن خلاف دانھيندو پريس ڪلب اسلام ڪوٽ پھتو،جتي ھو پنھنجي اباڻي سروي زمين تي ٿيل قبضي ۽ روينيو عملدارن جي بيحسي جو ذڪر ڪندي روئي پيو ۽ دانھيندي چيو ته ڳوٺ مٺڙيو ھاليپوٽا ۾ اسان جي سروي نمبر 14 تي ڳوٺ ڏاڀاريو جي بااثر راھمان برادري جي ماڻھن غلام مرتضئ راھمون،عبدالغني ۽ رٽائر فوجي ابوبڪر راھمون قبضو ڪيو آھي،

آئون روينيو جي سمورن عملدارن اڳيان دانھي دانھي ٿڪجي پيو آهيان ڪير دانھن نہ ٿو ٻڌي،ننگرپارڪر جو مختيارڪار مون غريب کي ڪا به اھميت نه ٿو ڏي نه وري دانھن ٿو ٻڌي،آئون آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيان،ڊي سي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيان ٿو ته مختيارڪار ننگرپارڪر کي پابند ڪري منھنجي زمين تان قبضو ڪرائي ڏي،

جُولاءِ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو