سانگهڙ ۾ لغڙ اڏائڻ جو وڌندڙ رواج، قاتل ڏور سبب شهري زخمي، ضلعي انتظاميا کان ڪارروائي جو مطالبو
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ لغڙ اڏارڻ جو رواج وڌي ويو، لغڙ جي ڏور ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي، ضلعي انتظاميا کان نوٽيس جو مطالبو، سانگهڙ نواب شاھ روڊ سلطان ڪوٽ ڀرسان يارهن چڪ جو رهواسي راجا احتشام الحق موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڪم سان پئي ويو ته اوچتو( لغڙ) پتنگ جي قاتل ڏور جي لپيٽ ۾ اچي زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو،
جتي راجا احتشام الحق ٻڌايو ته اوچتو پتنگ جي ڏور منهنجي ڳچيءَ تي لڳي، پر مون هٿ آڏو ڪيو ته تيز ڌار ڏور منهنجي آڱر کي زخمي ڪري ڇڏيو، هن چيو ته قاتل ڏور جو غير قانوني ڪاروبار شهر ۽ ٻين علائقن ۾ کلي عام هلي رهيو آهي پر پوليس ۽ ٻين انتظامي ادارن پاران ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته قاتل ڏور جي ڪري ڪيترين ئي انساني زندگين جو انت آيو آهي،
ٽي چار ڏينهن اڳ ۾ به لغڙ ڏور جي لپيٽ ۾ اچي هڪ شهري سخت زخمي ٿيو هو، راجا احتشام الحق ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته پتنگ ۽ خطرناڪ قاتل ڏور جو ڪاروبار ڪندڙن ۽ لغڙ اڏائيندڙن خلاف فوري ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.
جُولاءِ 23, 2025