ميونسپل ڪاميٽي مٺي پاران ٽيڪس فري بجيٽ 2025-26 منظور، ترقياتي رٿائن ۽ سهولتن تي زور
مٺي(رپورٽ: الهڏنو بجير) ميونسپل ڪاميٽي مٺي پاران سال 2025/2026 جي ٽيڪس فري سالياني بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي انهي سلسلي ۾ بجيٽ اجلاس ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ هن نيئن بجيٽ جا انگ اکر توڙي ترقياتي ڪمن صفائي،
روشني، پاڻي جي بهترين سهوليتن بابت بجيٽ پيش ڪئي جيڪا بحث مباحثي کان پوءِ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي نيئن سال جي بجيٽ ۾ 900666 روپيا بچيٽ ڏيکاريا ويا ۽ ڪُل خرچ 555917005 ظاهر ڪيو ويو جنهن ۾ دڪانن جي مسواڙ، واٽر سپلاءِ في، مال پڙي، پٽ پڙي، ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن، وڻڪاري مهم، باھ مُتاثرين، اسڪالر شپ، پوليو پروگرام، گاڏين جا تيل، لائيبريري جا خرچ، اسٽريٽ لائيٽون، گاڏي جي مرمت، هلندڙ ترقياتي ڪم، مٺي شھر جي خوبصورتي لاءِ پلان توڙي ٻين خرچن جي بجيٽ پيش ڪئي ويئي.
اجلاس ۾ وائيس چيئرمين سمترا منجياڻي، سي ايم او سعيد احمد بروھي، گل حسن بجير، ڍالو ڪولهي، جهاجهڻ مينگهواڙ، شبير مينگهواڙ، کاٽائو مُکي، مولشنڪر ويرجياڻي، سشيل سوني، ونيش ڀڳت، ونيش ڪرماڻي، منوج راٺي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 22, 2025