ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جو اوچتو دورو، صفائي تي ناراضگي جو اظهار
ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث)ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جو اوچتو ڪوٽڙي ڊي ايچ ڪيو اسپتال جو دورو ڪيو دوري دوران ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري ڪوٽڙي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال پهچي، صفائي سٿرائي ۽ مريضن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. صفائي نه هئڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي،
هن مريضن کان علاج ۽ دوائن بابت پڻ پڇا ڪئي جڌنهن ته ڊپٽي ڪمشنر ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر برڪت علي لغاري کي هدايتون ڏنيون ته اسپتال ۾ صفائي سٿرائي ۽ صحت جون سموريون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. هن چيو ته ڏسجي ته ضلعي انتظاميا عوام جي خدمت کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائيندي هر قسم جي غفلت ڪرڻ واري جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
جُولاءِ 22, 2025