ٿرڪول بلاڪ ون تي سائينو سنڌ ڪمپني جو ڏاڍ، بغير اطلاع زمينن تي قبضو، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:احمدعلي سانگي)ٿرڪول ڪمپنين جو ڏاڍ،پنھنجا قانون،زبردستي فينس لڳائي ڌڻ ۽ مالوند قيد،ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو،  خبرموجب:ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سائنو سنڌ ريسورسز ڪمپني پنھنجن عملدارن ۽ روينيو انتظاميا جي مدد سان وڌيڪ ٻن ڳوٺن ڳوٺ شهمير وڪيا ۽ سينھار وڪيا جي سيمن ۾ بنا اطلاع ۽ ڪنھن پبلڪ گڏجاڻي جي گئوچر،يڪسالن،ناقبولي توڙي سروي زمينن کي فينس لڳائي بند ڪري ڇڏيو آھي،

ڪمپني ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ سميت ڪا گڏجاڻي ڪرڻ بدران پنھنجا قانون ٺاھي روينيو عملدارن کي استعمال ڪري غريب ڳوٺاڻن سان ظلم ڪري رھي آھي،ڄاڻايل ڳوٺن ۾ فينس لڳائي بند ڪيل زمينن اندر چوپايو ۽ ڌنار قيد بڻجي رھجي ويا آھن،ڳوٺاڻن جي دانھن ڪوڪن جي باوجود سائنيو سنڌ ريسورسز ڪمپني جا عملدار خاموش تماشائي بڻيل آهن،ڪمپني ڏينھون ڏينھن پنھنجي ايريا وڌائيندي اڳتي وڌي رھي آھي،سرڪاري توڙي سروي زمينن تي ڪم ڪرڻ کان اڳ سائينو سنڌ ريسورسز ڪمپني ڳوٺاڻن کان اجازت به وٺڻ گوارا نه ٿي سمجھي،روينيو جا عملدار بہ ڳوٺاڻن جو ڪيس ڪمپني اڳيان رکڻ بدران ڪمپني جي ونگار وهندي غريب ھارين سان ڏاڍايون ڪري رھيا آھن،

ھن وسڪاري جي موسم ۾ چوپائي مال لاءِ ڇڏيل ھزارين ايڪڙ گئوچر زمينن تي قبضن سبب چوپايو مال بکن ۾ پاهه ٿي رھيو آھي ۽ ڳوٺن جون سيمون سيڙھا آھستي آھستي ڪمپنين جي قبضن ھيٺ اچي رھيا آھن،ھر طرف دانھن باوجود ڪا رڙ ٻڌڻ وارو نه ھجڻ سبب رھواسي سخت پريشان ٿي ويا آھن،ڳوٺاڻن موجب بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ريسورسز ڪمپني اسان کي انسان نٿي سمجھي،ظلمن ۽ زيادتين جو سلسلو وڌي ويو آهي،انھي سلسلي ۾ ڳوٺ شهمير وڪيا ۽ سينھار وڪيا جي رھواسين  سائينو سنڌ ريسورسز ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،ڳوٺاڻن رحيم وڪيو،

انور وڪيو،غفور وڪيو،عالم وڪيو،قادر بخش وڪيو،اڪو ڀيل،سردارو ميگھواڙ ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو آهي ته سائينو سنڌ ريسورسز ڪمپني اسان جي ڳوٺن ۾ بنا ڪنھن اطلاع توڙي پبلڪ ھيرنگ جي زبردستي فينس لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو آھي،ڪمپني عملدار امان الله جوڻيجو روينيو انتظاميا جي مدد سان اسان ڳوٺاڻن تي ظلم ڪرائي رھيا آھن،ھنن چيو ته ڪمپني عملدارن 400 ايڪڙ زمين جنھن ۾ يڪسالا،ناقبولي ۽ سروي نمبر شامل آھن انھي زمين کي فينس لڳائي بند ڪري ڇڏيو آھي انھي فينس اندر اسان جا مالوند ماڻھو ۽ وڏي انگ ۾ چوپايو مال قيد آھي،

جيڪو اڃ ۽ به وگھي پاھ ٿي رھيو آھي،ڪمپني وارن گيٽ نٿا کولين اسان چوپايو مال ٻاھر ڪڍيون،ضلعي جو ڊي سي ڪمپنين جو ونگاري بڻجي ويو آھي،ڪير دانھن ٻڌڻ وارو ناھي،400 ايڪڙ زمين تي سائينو سنڌ ڪمپني قابض ٿيل آھي،اسان جو مطالبو آھي ته نوٽيس وٺي جھڙي نموني ساڳئي بلاڪ جي ماڻھن کي معاوضا ڏنا ويا آهن اھڙي نموني اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن،ڪمپني عملدارن کي پابند بڻايو وڃي ته ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪو به ايڪٽوٽي نه ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ معاملن کي ذميوار ڪمپني ۽ ضلعي انتظاميا ھوندي،ڳوٺاڻن پاران بنا ڪنھن نوٽيس جي زمينن تي شروع ڪيل ڪم خلاف عدالت م وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي،

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو