نوابشاهه ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ملازمن جو احتجاج، انجنيئر ياسين ڀنگوار خلاف قتل ڪيس جي شفاف جاچ جو مطالبو
نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ميونسپل ڪارپوريشن شهيد بينظير آباد جي ڪمشنر عبدالرزاق شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪارپوريشن جي ملازمن نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. مظاهري دوران ملازمن چيو ته ڪارپوريشن جي انجنيئر ياسين ڀنگوار ۽ سندس ٻن ڀائرن تي ڀنگوار برادري جي 6 ماڻهن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو سراسر ناانصافي آهي.
هنن چيو ته ياسين ڀنگوار ۽ سندس ڀائر اعليٰ تعليم يافته ۽ شريف ماڻهو آهن. 6 معصوم ماڻهن جو قتل انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، پر بيگناهن کي ملوث ڪرڻ به ظلم آهي اسان ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪريون ٿا ته هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ مڪمل طور تي ميرٽ تي جاچ ڪرائي وڃي. جيڪڏهن ياسين ڀنگوار ۽ سندس ڀائر هن قتل ڪيس ۾ ملوث نڪرن ته ضرور سزا ڏني وڃي، پر جيڪڏهن هو بيگناه ثابت ٿين ته سندن نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪيا وڃن.
جُولاءِ 22, 2025