بچل باغ واٽر اسڪيم مان غير قانوني پاڻي جي فراهمي، مقامي رهواسين جو احتجاج ۽ ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) بچل باغ واٽر اسڪيم مان غير قانوني پاڻي جي فراهمي، مقامي رهواسين جو احتجاج   گڏاپ ٽائون جي يو سي مراد ميمڻ جي علائقي حاجي بچل باغ ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان غير قانوني 4 انچ واٽر لائين طيبه گارڊن نالي خانگي  رهائشي رٿا  کي ڏني وئي آهي ان سلسلي م سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي الزام هنيو آهي ته اها رٿا ٺيڪيدار ۽ پي ايس 85 جي پيپلزپارٽي صدر  ۽ سندس ڀاءُ جي ملڪيت آهي سماجي اڳواڻ جو چوڻ هو ته  بنا ڪنهن  ليز،

 NOc ۽ ايس بي سي اي جي منظوري کانسواءِ 8 ايڪڙ تي ٻڌل غير قانوني سوسائٽي هلي رهي آهي، جتي هڪ پلاٽ 80 لک رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي مقامي رهاسين جو چوڻ آهي ته پراڻي ۽ زبون حال واٽر اسڪيم مان زبردستي پاڻي وٺي سوسائٽي کي فراهم ڪيو پيو وڃي،

جنهن سبب ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن  ڪريم بلوچ، شريف ڀوت، رحيم داد بلوچ سميت ٻين رهواسين سخت احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت، ايس بي سي اي ۽ لاڳاپيل ادارن کان غير قانوني واٽر لائين جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي، ٻي صورت ۾ احتجاج وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو