مرحوم ڪي بي رند جي چاليهي ۽ سڪندر حيات رند جي پڳ ٻڌرائڻ جي شاندار تقريب، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي شرڪت

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري مرحوم ڪي بي رند جو چاليهو ۽ سندس فرزند سڪندر حيات رند کي خانداني پڳ ٻڌرائڻ واري رسم جي  سلسلي ۾ سندس رهائش گاھ ڳوٺ قلعي بخش رند ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ضلع شهيد بينظيرآبد جي قدآور شخصيتن شرڪت ڪري سڪندر حيات رند کي پڳ جا ور ڏنا جن کي همدرد سپورٽ پروگرام جي چيئرمين قاضي جاويد سنائي ترتيبوار اسٽيج تي گهرائي پڳ جا ور ڏياريا جنهن ۾ سڀ کان پهرين مرحوم ڪي بي رند جي ڀائرن اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري گل محمد رند ۽ اڳوڻي ناظم علي اصغر رند پڳ جي ورن جي شروعات ڪئي

جنهن بعد سياسي سماجي شخصيتن کان پڳ جا ور ڏياريا ويا جن ۾ سيد محمد منير شاھ ، سيد عذير اختر شاھ ، سيد مهدي شاھ ، سيد فراز شاھ ، محمد سالم زرداري ، فقير نويد وسطڙو ، علي حيدر شاھ ، علي اڪبر جمالي ، نور احمد لاکو ، ڊاڪٽر افضل رند ، ايڊووڪيٽ عمران اڪبر رند ، نبي بخش رند ، فيض رند ، شاهد رند ، مير نادر علي ابڙو ، ملوڪ رند ، وريام خان پاهي ، شبير احمد مگسي ، محمد عثمان رند سميت ڪئي شخصيتون شامل هيون ان موقعي تي همدرد جي چيئرمين گل محمد رند آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته مرحوم ڪي بي رند جي وڇوڙي جو خال اسان جي خاندان ۾ ڀرجي نه سگهندو سندس شخصيت گهڻي رخي شخصيت هئي اسين سندس فرزند ۽ اسان جي ڀائٽي سڪندر حيات رند کي يقين ٿا ڏياريون ته هُو

 ڪڏھن به پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي اسان سندس ڏک سک جا ساٿي آهيون ۽ رهنداسين پڳ ٻڌائي جي رسم دوران دعوت اسلامي پاران مرحوم ڪي رند جي ايثال ثواب لاءِ موڪليل قرآن پاڪ جي ختمن بخش جي دعا پڻ گهري وئي آخر ۾ سڪندر حيات رند ڳالهائيندي چيو ته مان سمورن آيل مهمانن جو شڪر گزار آهيان جيڪي مونکي حوصلو ڏيڻ لاءِ ڪهي آيا آهن مان کين يقين ٿو ڏياريان ته ان شاء الله ڪوشش ڪندس ته بابا سائين جي پڳ جو ڀرم رکان هن پنهنجي خاندان ۽ برادري کي پڻ يقين ڏياريو ته هُو ساڻن بابا سائين وانگر وفادار رهندو .

 پڳ واري رسم ۾ سردار ڄام تماچي انڙ ، نظير احمد راهو ، ميهار خان مگسي ، تاج محمد مگسي  سڪرنڊ پريس ڪلؤ جو جنرل سڪريٽري غلام حيدر سولنگي رضا محمد سيال، امير علي ڪيريو . ڊاڪٽر اي ڊي ڪيريو ، منظور احمد سيال ، راضي خان جمالي ، همدرد فري ايمبولينس جي اقبال رند عبدالرسول کوسو سميت ڪئي شخصيتون موجود هيون . پروگرام جي پڄاڻيءَ تي مرحوم ڪي رند جي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني بعد دعا گهري وئي :

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو