شهيد بينظيرآباد ۾ اقليتي برادري جي مسئلن بابت “ون مين ڪميشن” اجلاس، ڪمشنر پاران ترجيحي حل جي هدايت
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو)ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو جي صدارت هيٺ اقليتي برادري جي مسئلن بابت “ون مين ڪميشن” جو اجلاس اڄ ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو.ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر نديم احمد ابڙو چيو ته اقليتي برادري اسان جي معاشري جو اهم حصو آهي ۽ انهن جي حقن ۽ جائز مسئلن جي حل لاءِ ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا پاران هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته اقليتن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ اولين ترجيح آهي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو اقليتي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي،
ڪمشنر ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي تہ سنڌ حڪومت جي پاليسين مطابق ون مين ڪميشن تحت اجلاس ڪوٺائي اقليتي برادري جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي منيارٽي ڪوآرڊينيٽر راجيش ڪمار، لال چند، ڊاڪٽر راج ڪمار، سِک برادري جي راج سنگهه ۽ ٻين نمائندن اقليتي برادري جي مسئلن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته اقليتي برادري جي ڌرم شالا، گردوارن، قبرستانن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن،
جيڪي خالي ڪرائڻ لاءِ سهڪار جي ضرورت آهي.هنن اهو پڻ چيو ته ٽنهي ضلعن جي انتظاميا گذريل وقتن ۾ اقليتي برادري سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو.اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، سارا جاويد، آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي سانگهڙ جي سمورن قبرستانن جي رجسٽريشن لاءِ ضلعي انتظاميا پاران قدم کنيا پيا وڃن.ان کان علاوه، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد حسان ظفر پنهنجي ضلعن ۾ اقليتي برادري جي مسئلن جي حل بابت ورتل قدمن بابت ڪمشنر کي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر 2 سيد عمار حسين ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 22, 2025