دادو: سيتا روڊ واري علائقي ۾ افسوسناڪ واقعو، نافرمان پٽ هٿان والد قتل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
دادو(رپورٽ :سرور جلال سولنگي ) دادو جي علائقي سيتا روڊ ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي نافرمان پٽ پنهنجي پيءُ رٽائرڊ پوليس جمعدار شاهنواز ڏنڱر کي تيز ڌار اوزار سان بي درديءَ سان قتل ڪرڻ بعد جوابدار پٽ فرار ٿي ويو، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي سخت نوٽيس تي ايس ايڇ او سيتا روڊ،
خليل الرحمان مسڻ پوليس ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پھچي شاهديون گڏ ڪيون ۽ فرار ٿي ويل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس دادو ڀرسان ناڪابندي دوران جوابدار کي ڏوھ ۾ استعمال ڪيل ڪھاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار سرفراز ڏنڱر جاچ دوران پنهنجي والد شاهنواز ڏنڱر کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جاچ موجب واقعو ذاتي رنجش جو نتيجو لڳي ٿو، ان سلسلي ۾ جوابدار کان وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي،
جُولاءِ 22, 2025