ڀارتي ڪپتان انگلش بيٽرن تي ” اسپرٽ آف گيم“ جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهي ڇڏيو

Spread the love

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان شُبمَن گِل انگلش بيٽرن تي ”اسپرٽ آف گيم“ جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو آهي.
انڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي جي سيريز ۾ انگلينڊ کي 1-2 جي برتري حاصل آهي ۽ چوٿين ٽيسٽ سڀاڻي برمنگهم ۾ شروع ٿيندي.
چوٿين ٽيسٽ ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾شبمن گل چيو ته لارڊز ٽيسٽ دوران انگلش بيٽرن وٽ بيٽنگ جا صرف ست منٽ بچيا هئا، پر هو 90 سيڪنڊ دير سان ڪريز تي پهتا.
هن وڌيڪ چيو ته انگلينڊ جا اوپنر 10 يا 20 سيڪنڊ نه پر 90 سيڪنڊ دير سان آيا، ايتري دير سان ڪريز تي اچڻ گيم آف اسپرٽ جي خلاف آهي.

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو