نوابشاهه ۾ جماعت اسلامي پاران مهانگائي، بدامني ۽ پيٽرول بم خلاف احتجاجي مظاهرو
نوابشاه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي مهانگائي، بدامني، لوڊشيڊنگ، کنڊ بم ۽ پيٽرول بم خلاف جماعت اسلامي نوابشاه پاران گول چڪرہ بازار تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چيو ته حڪومتي ۽ اپوزيشن جماعتون رڳو پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿي وڃن ٿيون، پر عوامي مسئلن تي جماعت اسلامي کانسواءِ ٻيو ڪير به آواز نه ٿو اٿاري۔ پنهنجي سهولتن ۾ لڳاتار اضافو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عوام تي ڪوڙا ٽيڪس ۽ مهانگائي جو بار وڌايو پيو وڃي۔ مظاهري ۾ ممتاز واپاري اڳواڻ حاجي محمد اسلم شيخ سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔
جماعت اسلامي جي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ 90 سيڪڙو شوگر ملن جا مالڪ ن ليگ يا پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل آهن، هر حڪومت ۾ شوگر مل مافيا کي فائدا ڏنا وڃن ٿا۔ 140 رپين واري کنڊ کي وڌائي 200 رپيا ڪلو تائين پهچايو ويو آهي۔ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ان جو فائدو عوام تائين نٿو پهچايو وڃي، الٽو ليـوي ۽ واڌو ٽيڪسز ذريعي هر پندرهن ڏينهن کانپوءِ عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو وڃي ٿو۔ هنن چيو ته فارم 47 واري حڪومت عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، پورو سنڌ بدامني جي لپيٽ ۾ آهي۔ پاڪستان جو صدر جي شهر هئڻ باوجود نوابشاه ۾ چوري، ڌاڙا، قتل ۽ ڏوهاري ڪارروايون روز جو معمول بڻجي ويون آهن۔ عوام جي جان، مال ۽ ڪاروبار محفوظ ناهي۔
جيڪڏهن پنهنجا شهر محفوظ ناهن ته سوچيو ملڪ جو ڇا حال هوندو۔عوام کي گهرجي ته انهن چورن، لٽيرن، وڏيرن، سردارن ۽ سرمائيدارن کان نجات حاصل ڪري ۽ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏين۔ احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي نوابشاه جي ضلعي امير طارق جاويد، نائب امير سرور احمد قريشي، مڪاني امير نجف رضا ۽ عبدالوهـاب به خطاب ڪيو۔ ان موقعي تي شرڪاءَ مهانگائي خلاف ڀرپور نعريبازي ڪئي۔
جُولاءِ 21, 2025