ملير جي ڳوٺ چوڪنڊي ۾ زم زم ڪلينڪ پاران مفت ميڊيڪل ڪيمپ، 300 کان وڌيڪ مريضن جو علاج

Spread the love

ملير (ڊر ) ملير زم زم ڪلينڪ پاران حاجي اسماعيل جوکيو ڳوٺ چوڪنڊي  ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ گائني اسپيشلسٽ ڊاڪٽر گلزار بانو پاران مختلف علائقن مان 300 کان وڌيڪ آيل مريضن جو مفت طبعي چڪاس ڪري کين دوائون پڻ فراهم ڪيون. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي وائيس چئيرمين ڄام محمد جوکيو ميڊيڪل ڪيمپ جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ان موقعي تي

  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام محمد جوکيو چيو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ عام پورهيت ماڻهو علاج جون مڪمل سهولتون حاصل ڪرڻ جي سگهه نه ٿو رکي سگهي   ڳريون فيسون ڀرڻ توڙي مهانگيون دوائون وٺڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي اڄ جي ڪيمپ تي وڏي تعداد ۾ آيل عورتن کي ماهر ليڊي ڊاڪٽرن جي نگراني مفت طبعي چڪاس توڙي دوائون فراهم ڪيون ويون آهن جيڪو مثبت عمل آهي حاجي محمد الياس جوکيو ۽ شهرت الياس جوکيو هميشه سماجي خدمتن ۾ اڳڀرا رهيا آهن سندن ڪيل ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا اميد ته هو مستقبل ۾ وڌيڪ ٻين ڳوٺن ۾ به اهڙيون ڪيمپ لڳائي عام پورهيت طبقي کي فائدو رسائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا

سماجي اڳواڻ شهرت الياس جوکيو چيو ته اسان جو بنيادي مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي جنهن جي لاءِ وس آهر پنهنجيون ڪوششون ڪري رهيا آهيون  پورهيت طبقي جي ڀلائي لاءِ مستقبل ۾ به ڪراچي جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ اهڙيون ميڊيڪل ڪيمپون لڳائڻ جو سلسلو جاري رهندو هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي سماجي تنظيم جي پليٽ فارم تان اڳ به  اهڙيون ميڊيڪل ڪيمپون لڳائيندا رهيا آهيون ته جيئن غريب بي پهچ ماڻهو شهر جي ڏورانهن علائقن ڏانهن وڃڻ بدران ويجهو پنهنجو علاج ڪرائي پاڻ کي پريشانين کان بچائي سگهن

زم زم ڪلينڪ پاران لڳايل ڪئمپ جو افتتاح مالماڙي جي سماجي شخصيت حاجي محمد الياس جوکيو ربن ڪاٽي ڪيو، زمزم ڪلينڪ جي مالڪ شھرت الياس جو چوڻ آھي تہ ھي پھرين ڪئمپ ھئي انشااللہ ھن سلسلي کي ملير جي ھر ڳوٺ تائين پھچائبو، ان موقعي تي وائيس چيئرمين گڏاپ ٽاؤن ڄام محمد جوکيو صاحب، حاجي الھڏنو جوکيو، حاڪم الدين ۽ جھانزيب جوکيو ڪئمپ جو وزٽ ڪندي گائناکولوجسٽ ڊاڪٽر گلزار بانو جي خدمتن کي ساراھيو.

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو