سڪرنڊ ڀرسان نوجوان بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، علائقي ۾ صدمي جي لهر

Spread the love

سڪرنڊ )رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ دنگ جو رهواسي 22 سالن جو نوجوان گورنر ولد چنيسر خاصخيلي گهر جي ڇت کي ليپو ڏئي رهيو ھو ته اتفاقاً بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي وَيو. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاه اسپتال نيو ويو. جتي علاج دوران فوت ٿي ويو.

جنهن بعد ضروري طبي ڪارروائيءَ بعد سندس مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان گورنر جي ڪمهلي وڇوڙي سبب وارثن سميت علائقي ۾ صدمي جي لهر ڇانيل آهي. ۽ هر اک ڏک سبب آلي آهي. ياد رهي ته مرحوم گورنر خاصخيلي جيئي سنڌ قومي محاذ جو ميمبر پڻ ھو.

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو