سڪرنڊ ڀرسان فيڪٽري ۾ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ، چوڪيدار فوت

Spread the love

سڪرنڊ  )رپورٽ: راج ڪماراوڏ( سڪرنڊ ڀرسان درگاھ پير زاڪري لڳ سيد ڪاٽن فيڪٽري ۾ چوري جي لا۽ ايندڙ چورن  سان مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن جي  فائرنگ ۾ فيڪٽري جو چوڪيدار مولا بخش خاصخيلي گولي لڳڻ ڪري  سخت زخمي پيو جنھن کي زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو ۔

جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس پي ايم سي اسپتال نوابشاھ موڪليو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي  فوت ٿي ويو۔ فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو،

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو