اجي ديوگن ۽ شاهد آفريدي جي ملاقات جي تصوير وائرل، ڀارت ۾ ٻائيتال

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سان پراڻي ملاقات جي تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن کي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، سوشل ميڊيا واهپيدارن اجي ديوگن جي ” حب الوطني “ تي سوال اٿاري رهيا آهن ۽ چئي رهي آهن ته ” اجي جهڙن اداڪارن جي حب الوطني رڳو ميڊيا تائين محدود آهي، ڇو ته شاهد آفريدي کي ماضيءَ ۾ پڻ ڪيئي ڀيرا ڀارت مخالف بيان ڏئي چڪو آهي.“
هڪ واهپيدار لکيو ته ” اجي ديوگن کي عوام ۽ ملڪ جي ڪا پرواهه ناهي ۽ هو ڀارت دشمنن سان مُرڪي ملندو آهي.“
پوسٽ وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه واهيپدارن نشاندهي ڪئي ته اِها تصوير پراڻي آهي، جيڪا سال 2024ع ۾ برمنگهم ۾ ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز دوران ٻنهي جي ملاقات دوران ورتي وئي هئي.
تصوير اهڙي وقت ۾ وائرل ٿي آهي، جڏهن انگلينڊ ۾ ڊبليو سي ايل جاري آهي ۽ 20 جولاءِ تي پاڪستان ۽ ڀارت جو شيڊيول ميچ ڀارتي رانديگرن جي هوڏ سبب رد ڪيو ويو هو.

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو