ڪتاب ”غير موزون موسم جون ڪهاڻيون“ جو مختصر تعارف

Spread the love

جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ اهم موڙ تڏهن سامهون آيو، جڏهن اها روايتي بياني کان اڳتي وڌي، انساني پيڙائن، وجودي ڀڃ ڊاھ ۽ ذاتي اڪيلائين ڏانهن وک وڌائيندي نوان تجربا ڪرڻ لڳي. ان وهڪري ۾ مجيب اوٺو جهڙا ڪهاڻيڪار فقط لفظن جا خالق ناهن، بلڪ احساسن جا معمار ۽ فڪر جا ساٿي به آهن. مجيب اوٺو پنهنجي ڪردارن جي اذيتن کي صرف بيان نٿو ڪري، پر انهن جي دردن کي لفظن جي آرٽ سان چِٽ ڏئي ٿو. هو اهڙا تجربا آڇي ٿو، جيڪي عام اک نٿي ڏسي سگهي، پر حساس دل ضرور محسوس ڪري سگهي ٿي.”غير موزون موسم جون ڪهاڻيون“ ڪنهن بي موسم برسات کان پوءِ، دل جي سنجيده وادين ۾ وسندڙ اداسيءَ جي وسڪاري وانگر محسوس ٿين ٿيون.

مجيب جي ڪردارن جو وجود ڪنهن روايتي ڪهاڻيءَ جي فريم ورڪ ۾ قيد ناهي. اهي ڪردار سماج جي اصولن، رشتن ۽ رواجن کان ڪٽيل ويڳاڻپ جي بنواس ۾ ڀٽڪندڙ ماڻهو آهن. سندن خاموشيون، سندن اکين جون خالي نظرون، سندن جسم جي بي حرڪتي ۽ سندن ذهنن جي گهاٽن وسوسن مان نفسيات جا اهڙا پاڇا نڪرندا آهن، جيڪي عام شعور کان اوجهل، پر دل جي اندر وسندڙ هوندا آهن.مجيب اوٺو جي فني انداز ۾ هڪ خوبي اها آهي ته هو ڪهاڻي جي روايتي ڍانچي کي ٽوڙي، ان جي جاءِ تي علامتن ۽ ڪيفيتن جي اهڙي دنيا ٺاهي ٿو، جتي حقيقت ۽ فڪر گڏجي هڪ نئون متن خلقين ٿا. ڪٿي ڪردار گم ٿي وڃن ٿا، ته ڪٿي سوچون آواز بڻجي مخاطب ٿين ٿيون. سندس ڪهاڻين جو وهڪرو منظرن کان خيالن تائين هلي ٿو، جتي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي کان اڳ ئي پڙهندڙ جو اندر ڄڻ ڀرجي پوي ٿو ۽ ڪهاڻي ختم ٿيڻ بدران پڙهندڙ جي اندر جاري رهي ٿي.

ادبي جماليات جي لحاظ کان، مجيب جي ڪهاڻين ۾ تشبيهون، استعارا، داخلي منظرنگاري ۽ علامتي اظهار ايتري قدر نروار آهن، جو اهي پڙهندڙ کي ڪنهن نئين  دنيا ڏانهن کڻي وڃن ٿا، هر ڪهاڻي پڙهڻ بعد پڙهندڙ جي اندر ڪو نئون سوال يا نئون احساس جنم وٺي ٿو. توڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ اداسي، اڪيلائي، بيزاري ۽ غير يقينيءَ جا گهرا رنگ آهن، پر ان سان گڏ نئين تخليق جو اعتماد به آهي.

”غير موزون موسم جون ڪهاڻيون“ مجيب اوٺي جو ٻيو ڪهاڻين جون مجموعو آهي، ان کان اڳ سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”برسات کان برسات تائين“ سال 2019ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيو.هن مجموعي ۾ 21 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا رحمت الله ماڃوٽي جي نالي ڪئي وئي آهي.

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو