دادو: پوليس زيادتين خلاف عدالت جو نوٽيس، ٻن ايس ايڇ اوز ۽ پوليس اهلڪار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي   ايڊيشنل سيشنن جج جي عدالت ۾ پوليس زيادتين خلاف  دادو ويجهو ڳوٺ بڳت لنڊ جي رھواسي محمد رحيم لنڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻن ايس ايڇ اوز ۽ ھڪ پوليس عملدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو،  فريادي درخواست ۾ ڄاڻايو ھو ته پوليس دادو بي سيڪشن پوليس،

خدا آباد پوليس مهيني ۾ ٽي ٽي ڀيرا گھرن تي بلا جواز چڙهائي ڪري گهر مان قيمتي سامان پيسا  ڦر لٽ ڪري اسان جا ماڻھو ٻڌي گم ڪيا وڃن ٿا، لک لک ڏيئي آزاد ڪرايون ٿا، منهنجي ڀاءُ مٿان ٻئي ضلع ۾ ڪوڙو  ڪيس داخل ڪرايو آهي عدالت ٻن ايس ايڇ اوز  ٿاڻو بي سيڪشن بينظير جمالي ٿاڻو خداآباد منظور مستوئي  ۽ پوليس عملدار دلبر لنجار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

 جڏهن ته عدالتي حڪم بعد پوليس آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، درخواستگذار کان لکت ڪري معافيون وٺي ڳوٺ تي وري پوليس چڙهائي نه ڪرڻ وارو بيان ڏنو، جنهن بعد پوليس گردي کي ڳوٺاڻن مان ڏيندي پوليس کي معاف ڪري ڇڏيو، آخري اطلاع تائين ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو،

جُولاءِ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو