مٺي: IYC ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان معذورن ۾ ويل چيئر، واڪر ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو

Spread the love

مٺي(رپورٽ: الهڏنو بجير) معذورن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري IYC ۽ سنڌ حڪومت جي تعاون سان ٿر پريس ڪلب مٺي جي ٿرپارڪر آڊيٽوريم ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي ڏورانهن ڳوٺن سان تعلق رکندڙ ضرورتمند ۽ معذور ماڻهن ۾، ويل چيئر، واڪر، بيٺڪيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو.

ان موقعي تي مٺي جي سڀني واپاري اڳواڻن ، سماجي ۽ سياسي شخصيتن سشيل ملاڻي حاجي اسلم قائم خاني کاٽائو جاني ماما وشن ٿري شام سندر سشيل سوني ونيش ڀڳت ڪمليش ڪيلا شرڪت ڪندي نوجوانن جي هن ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته نوجوانن جي هيءَ ننڍڙي ڪوشش ٿر واسين لاءِ اميد جي ڪِرن آهي.

پروگرام جي آرگنائيزر، IYC جي CEO راجڪمار چيو ته، “اسين هن ڪم کي پنهنجو فرض نه، پر عبادت سمجهون ٿا، ۽ هن سماجي خدمت ۾ شهر واسين جو ساٿ ۽ سنڌ حڪومت جو سهڪار اسان لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.”پروگرام ۾ موجود سڀني مهمانن ۽ ٿر واسين اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت مستقبل ۾ به معذور ماڻهن جي مدد جاري رکندي.

جُولاءِ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو